English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي شڪارپور جي صدارت ۾ يوم آزادي جي حوالي سان گڏجاڻي
views
|
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
يوم آزادي مرڪز حق جي حوالي سان پهرين کان 14 آگسٽ تائين جي پروگرام بابت غور ويچار
شڪارپور (احسان ابڙو) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ آزاديءَ جي ڏينهنِ (مرڪز حق) جي حوالي سان 1 آگسٽ کان 14 آگسٽ 2025 جي پروگرامن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ آزاديءَ جي ڏينهن (مرڪز حق) جي حوالي سان 1 آگسٽ کان 14 آگسٽ 2025 تائين جي پروگرامن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻيءَ جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ظفر عباس عباسي ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڊي ايس آر رينجرس اعظم خان، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر شڪارپور نادر علي پنهور، ميڊيڪل سپرينٽينڊنت عبدالشڪور قريشي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر هائير سيڪنڊري سيد محمد شاهه پبلڪ هيلٿ آفيسر، شفقت الله سومرو، ايگزيڪيوٽو آفيسر سوئي گئس احسن نثار صديقي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ رياض احمد شيخ، پرنسيپال سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور محمد حنيف ميمڻ، ايڊمن آفيسر ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور عنايت الله مهر، اي سي شڪارپور محمد فيضان چيمه، اي سي ڳڙهي ياسين انور خاصخيلي، اي سي لکي غلام شاهه راجيش ڪمار، اي سي خانپور اياز حسين، چئني تعلقن جي مختيارڪارن سيپڪو ڊي سي ايم غلام ياسين، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر شڪارپور آفاق حيدر عباسي، ڊي ڊي پي او محمد رحيم کوسو ـ ڊي آئي بي انچارج سيد شاھجھان شاھ ۽ ٻين ضلعي جي مختلف کاتن جي سڀني آفيسرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسيءَ چيو ته گورنمينٽ جي طرفان هڪ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي. ان مطابق 1 آگسٽ کان ضلعي اندر 14 آگسٽ تائين مختلف کاتن ۽ ضلعي ايڊمنسٽريشن طرفان 1 آگسٽ تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ٻوٽا پوکڻ، 2 آگسٽ تي ڳڙهي ياسين ۾ والي بال ٽورنامينٽ، 3 آگسٽ تي خانپور ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کيڏي ويندي، 4 آگسٽ تي جيم خانه شڪارپور ۾ بيڊمنٽن ٽورنامينٽ، 5 آگسٽ تي هم پاڪستاني، پاڪستان همارا جي نالي سان مينارٽيز طرفان هڪ پروگرام، 6 آگسٽ تي تعليمي ادارن ۾ آزادي پاڪستان کان دفاع پاڪستان تائين تقريرن جا مقابلا، 7 آگسٽ تي شڪارپور چيمبر آف ڪامرس، مارڪيٽ ڪاميٽي ۽ ٽريڊرس يونين طرفان هڪ وڏي ريلي ڪڍي ويندي، 8 آگسٽ تي آر بي يو ٽي اسپتال ۾ هڪ ميڊيڪل ڪئمپ ۽ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ لڳائي ويندي، 9 آگسٽ تي جيم خانه شڪارپور ۾ مشاعره، ميوزيڪل پروگرام سنڌي ۽ اردو ۾، 10 آگسٽ تي اسڪولن ۾ ٻارن طرفان بهترين پڪچرس ۽ خوبصورت بينرس ٺاهڻ جو مقابلو، 11 آگسٽ تي اسڪولن طرفان شاگرد لکيدر کان هاٿيندر تائين اتحاد جي اميد لاءِ هڪ پروگرام ڪندا، 12 آگسٽ تي اسڪولن ۽ ڪاليجن طرفان هڪ ڪلچر پروگرام سي اينڊ ايس ڪاليج ۾، 13 آگسٽ تي سرڪاري عمارتن ۽ وڏين عمارتن کي روشن ڪرڻ ۽ انهن تي پاڪستان جا جهنڊا لڳايا وڃن ۽ شهداء ۽ غازي کي به چراغان ڪيو ويندو ۽ 14 اگسٽ تي مکُ تقريب ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پاڪستان جو جهنڊو چاڙهي پوليس طرفان پاڪستاني جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي ويندي، ۽ ڊسٽرڪٽ جيل دورو ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ظفر عباس عباسي چيو ته 14 آگسٽ جي حوالي سان اسان گورنمينٽ طرفان ڏنل پروگرام سڀني سان هڪ گڏجاڻيءَ ۾ شيئر ڪيو آهي ۽ انهن ڏينهن جو ٽائيم ٽيبل اوهان تائين ضرور پڄائينداسين. هن چئني تعلقن جي آفيسرن، مختيارڪارن ۽ سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري توڙي اين جي اوز جي آفيسن ۽ سرڪاري گاڏين ۽ چوراهن ۽ چونڪن تي پاڪستان جا ننڍا وڏا جهنڊا لڳرايا وڃن. ان موقعي تي ڊي اي او سيڪنڊري سيد محمد شاهه چيو ته اسان سڀني اسڪولن کي هڪ ليٽر ذريعي آگاهه ڪنداسين ۽ ٻارن کي 14 آگسٽ جي تيارين بابت مڪمل تيار ڪن ته جيئن ٻارن جاڳرتا پيدا ٿئي. ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر علي پنهور چيو ته 14 آگسٽ تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور طرفان هڪ پروگرام منعقد ڪندا آهيون جيڪو مريضن ۾ اچي مٺائي ورهائيندا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2025
•
تازہ ترین
”بانو کو بلوچ رسم و رواج کے تحت سزا دی گئی، سردار شیر باز بے گناہ ہے، رہا کیا جائے” مقتولہ کی والدہ کا بیان
23rd Jul 2025
•
تازہ ترین
خبردار! کسی کے جھانسے میں نہ آئیں، نیشنل سرٹ نے وارننگ جاری کر دی
23rd Jul 2025
•
سندھ
کراچی میں خاتون نے ایک ہی وقت میں 5 بچوں کو جنم دیا
23rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي به ٽنهي صوبن واريون سهولتون ڏيو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جرڳا ڪري معصوم نياڻين جا خون لوڙھيا وڃن ٿا: اياز لطيف پليجو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز ۾ ڳوٺ سھراب مري جي رهواسين جو 13هين ڏينهن به نواب مري خلاف احتجاج جاري
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ٿرڪول ڊيم نبي سر ٿر ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف ريلي ۽ ڌرڻو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي شڪارپور جي صدارت ۾ يوم آزادي جي حوالي سان گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊي سي شڪارپور
يوم آزادي مرڪز حق
0 تبصرے