English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي شڪارپور جي صدارت ۾ يوم آزادي جي حوالي سان گڏجاڻي
178 views
|
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
يوم آزادي مرڪز حق جي حوالي سان پهرين کان 14 آگسٽ تائين جي پروگرام بابت غور ويچار
شڪارپور (احسان ابڙو) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ آزاديءَ جي ڏينهنِ (مرڪز حق) جي حوالي سان 1 آگسٽ کان 14 آگسٽ 2025 جي پروگرامن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ آزاديءَ جي ڏينهن (مرڪز حق) جي حوالي سان 1 آگسٽ کان 14 آگسٽ 2025 تائين جي پروگرامن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻيءَ جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ظفر عباس عباسي ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڊي ايس آر رينجرس اعظم خان، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر شڪارپور نادر علي پنهور، ميڊيڪل سپرينٽينڊنت عبدالشڪور قريشي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر هائير سيڪنڊري سيد محمد شاهه پبلڪ هيلٿ آفيسر، شفقت الله سومرو، ايگزيڪيوٽو آفيسر سوئي گئس احسن نثار صديقي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ رياض احمد شيخ، پرنسيپال سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور محمد حنيف ميمڻ، ايڊمن آفيسر ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور عنايت الله مهر، اي سي شڪارپور محمد فيضان چيمه، اي سي ڳڙهي ياسين انور خاصخيلي، اي سي لکي غلام شاهه راجيش ڪمار، اي سي خانپور اياز حسين، چئني تعلقن جي مختيارڪارن سيپڪو ڊي سي ايم غلام ياسين، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر شڪارپور آفاق حيدر عباسي، ڊي ڊي پي او محمد رحيم کوسو ـ ڊي آئي بي انچارج سيد شاھجھان شاھ ۽ ٻين ضلعي جي مختلف کاتن جي سڀني آفيسرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسيءَ چيو ته گورنمينٽ جي طرفان هڪ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي. ان مطابق 1 آگسٽ کان ضلعي اندر 14 آگسٽ تائين مختلف کاتن ۽ ضلعي ايڊمنسٽريشن طرفان 1 آگسٽ تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ٻوٽا پوکڻ، 2 آگسٽ تي ڳڙهي ياسين ۾ والي بال ٽورنامينٽ، 3 آگسٽ تي خانپور ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کيڏي ويندي، 4 آگسٽ تي جيم خانه شڪارپور ۾ بيڊمنٽن ٽورنامينٽ، 5 آگسٽ تي هم پاڪستاني، پاڪستان همارا جي نالي سان مينارٽيز طرفان هڪ پروگرام، 6 آگسٽ تي تعليمي ادارن ۾ آزادي پاڪستان کان دفاع پاڪستان تائين تقريرن جا مقابلا، 7 آگسٽ تي شڪارپور چيمبر آف ڪامرس، مارڪيٽ ڪاميٽي ۽ ٽريڊرس يونين طرفان هڪ وڏي ريلي ڪڍي ويندي، 8 آگسٽ تي آر بي يو ٽي اسپتال ۾ هڪ ميڊيڪل ڪئمپ ۽ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ لڳائي ويندي، 9 آگسٽ تي جيم خانه شڪارپور ۾ مشاعره، ميوزيڪل پروگرام سنڌي ۽ اردو ۾، 10 آگسٽ تي اسڪولن ۾ ٻارن طرفان بهترين پڪچرس ۽ خوبصورت بينرس ٺاهڻ جو مقابلو، 11 آگسٽ تي اسڪولن طرفان شاگرد لکيدر کان هاٿيندر تائين اتحاد جي اميد لاءِ هڪ پروگرام ڪندا، 12 آگسٽ تي اسڪولن ۽ ڪاليجن طرفان هڪ ڪلچر پروگرام سي اينڊ ايس ڪاليج ۾، 13 آگسٽ تي سرڪاري عمارتن ۽ وڏين عمارتن کي روشن ڪرڻ ۽ انهن تي پاڪستان جا جهنڊا لڳايا وڃن ۽ شهداء ۽ غازي کي به چراغان ڪيو ويندو ۽ 14 اگسٽ تي مکُ تقريب ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پاڪستان جو جهنڊو چاڙهي پوليس طرفان پاڪستاني جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي ويندي، ۽ ڊسٽرڪٽ جيل دورو ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ظفر عباس عباسي چيو ته 14 آگسٽ جي حوالي سان اسان گورنمينٽ طرفان ڏنل پروگرام سڀني سان هڪ گڏجاڻيءَ ۾ شيئر ڪيو آهي ۽ انهن ڏينهن جو ٽائيم ٽيبل اوهان تائين ضرور پڄائينداسين. هن چئني تعلقن جي آفيسرن، مختيارڪارن ۽ سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري توڙي اين جي اوز جي آفيسن ۽ سرڪاري گاڏين ۽ چوراهن ۽ چونڪن تي پاڪستان جا ننڍا وڏا جهنڊا لڳرايا وڃن. ان موقعي تي ڊي اي او سيڪنڊري سيد محمد شاهه چيو ته اسان سڀني اسڪولن کي هڪ ليٽر ذريعي آگاهه ڪنداسين ۽ ٻارن کي 14 آگسٽ جي تيارين بابت مڪمل تيار ڪن ته جيئن ٻارن جاڳرتا پيدا ٿئي. ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر علي پنهور چيو ته 14 آگسٽ تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور طرفان هڪ پروگرام منعقد ڪندا آهيون جيڪو مريضن ۾ اچي مٺائي ورهائيندا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي شڪارپور
يوم آزادي مرڪز حق
0 تبصرے