اسٽڊي سرڪل عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر مختيار علي خاصخيلي جي نگرانيءَ ۾ ترتيب ڏنو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي تحريڪ طرفان بچل خاصخيلي ۾ هڪ علمي ۽ شعوري سرگرمي طور اسٽڊي سرڪل ڪيو ويو، جيڪو عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر مختيار علي خاصخيلي جي نگرانيءَ ۾ ترتيب ڏنو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن نبي بخش، منظور علي، عبدالعزيز، نويد جان، سانوڻ منظور، بشير احمد سميت ٻين سياسي ڪارڪنن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسٽڊي سرڪل دوران رسول بخش پليجي جو ڪتاب "سياسي ادب" (جلد پهريون) گڏجي پڙهيو ويو، جنهن بعد شرڪت ڪندڙن وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته اهڙيون علمي سرگرميون نوجوان نسل ۾ سياسي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهن، جيڪي جدوجهد جي نظرياتي بنيادن کي مضبوط ڪن ٿيون.
0 تبصرے