English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي به ٽنهي صوبن واريون سهولتون ڏيو
views
|
23rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عبدالوحيد عباسي
ڪراچي پريس ڪلب آڏو 22 جولاء اڱاري ڏينهن تي جيڪا آل سنڌ ايمپلائيز اتحاد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پريس ڪلب کان وزير اعلي هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو ٿيڻو هيو. انهيءَ احتجاجي ڌرڻي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پري پري کان آيل سنڌ جي 40 کن سرڪاري کاتن ڊپارٽمينٽن جا ملازم پنهنجي حقن جي حاصلات لاء خاص ڪري پنجاب وفاق ۽ صوبن جي سرڪاري ملازمن کي ڊي آر اي، ڊسپيرٽي الائونس، مهانگائي مطابق پگهارن ۾ 70 سيڪڙو واڌ، سن ڪوٽا، گروپ انشورنس سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪرڻ پئي چاهيو ته سنڌ پوليس هرهڪ سرڪاري ملازم مٿان اصل ڪڙڪي پئي، اهڙي طرح پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪري ڪراچي جي مختلف پوليس ٿاڻن تي رکيو ويو آهي، جڏهن ته پريڊي ٿاڻي تي آل سنڌ پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو، سڪندر علي جتوئي، وحيد احمد ابڙو ،عارف قريشي، گسٽا اڳواڻ مقصود احمد مهيسر، مجيب جوڻيجو ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سموري دنيا ۾ تعليم جهڙي شعبي کي وڏي اهميت مليل آهي پر پنهنجي سنڌ ۾ تعليم کاتي کي بيگار ڪئمپ جيان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، هتي بظاهر شاگردن کي حقن جي حاصلات لاءِ شاگرد يونين تان پابندي هٽائڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون پر حقيقت ۾ اهي حڪومتي حربا هلائيندڙ ۽ ڪجهه مافيائون اڃان تائين شاگردن توڙي ٻين سرڪاري ملازمن ۽ عام ماڻهن جي حقن ڏيڻ تي بضد رهن ٿا. جيڪڏهن واقعي موجودهه پاڪستان پيپلز پارٽي شهيدن جي فلسفي، نظريي ۽ ڪاز کي قائم رکڻ جو ويزن رکي ٿي ته پوءِ اها بغير ڪنهن دير جي فوري طور تي شاگردن توڙي استادن جا مجموعي جائز مسئلا جيڪي ٻين صوبن جي شاگردن ۽ استادن کي ملي رهيا آهن اهي ڏيڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي وزيراعليٰ سنڌ مراد شاهه هڪ خاص ٽيم تشڪيل ڏيئي تعليمي ادارن سميت استادن ۽ شاگردن جا پرابلمز مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪري تاريخ ۾ پاڻ کي امر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي نه ته روز روز استادن مٿان جائز مسئلن جي حل لاءِ لٺين، ڏنڊن جو وسڪارو ڪري تشدد ڪرڻ نه صرف غير انساني، غير جمهوري ۽ غير قانوني روايت آهي پر اها ڪنهن به معاشري ۾ مهذب ڳالهه نه سمجهي ويندي آهي. سنڌ جي پرائمري استادن پريس ڪلب ڪراچي آڏو 22 جولاء اڱاري ڏهاڙي تي سي ايم هائوس ڏانهن وڃڻ دوران جيڪا پاپڙ کاڌا انهي کي سموري دنيا سوشل ميڊيا ذريعي ڏٺو، مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ استادن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو گرمي ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو چيو ته بابا اسانجو جيئڻ مرڻ استاد برادريءَ لاءِ آهي ۽ اتي چي اچي پوليس جا وڏا اٽالا ڪڙڪي پيا ۽ نئين طرح وحشياڻو تشدد جاري رهيو جنهن ۾ حاجي شفيع محمد سٺيو وري به لٺبازي ۽ تشدد جو شڪار بڻيو پر پوئتي نه ڏٺائين، جنهن مان لڳو ٿو ته هيءُ مڙس ڪو لوهه جو ٺهيل آهي الائي ٻئي مٽيءَ جو بڻيل آهي. معنيٰ ته استادن جي ڪاز لاءِ هرهڪ طرح قرباني ڏيڻ لاءِ هر اول دستي جي اڳواڻي ڪندڙ ثابت ٿيو آهي.سنڌ ۾ پرائمري استادن جا بيشمار مسئلا آهن جنهن جي حل لاءِ حڪومت سنڌ ڪي به عملي قدم نه کڻي رهي آهي.پرائمري استادن جا اسڪيل روائيز نه ٿيڻ، رننگ اسڪيل ۾ پوئتي رکڻ، گروپ انشورنس، اپ گريڊيشن جو معاملو هڪ وڏي عرصي کان حڪومتي ميز تي پيل آهي ۽ صوبائي وزير تعليم توڙي سيڪريٽري تعليم انهيءَ ورلڊ بئنڪ، يورپين بئنڪ، يو ايس ايڊ سميت دنيا جي مختلف ملڪن کان مليل ڊالرز ۾ امداد کي خرچ ڪرڻ لاءِ بظاهر تعليم کي سنوارڻ جا نوان نوان فارمولا ته روز روز اسڪولن ۾ لاهڻ جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا پر اصل ۾ سنڌ جي پرائمري استادن کي هو پنهنجو غلام تصور ڪندي انهن جي جائز مسئلن جي حل ڪرڻ طرف توجهه ئي نٿا ڏين. جنهن ڪري سنڌ جي هزارين لکين استادن ۾ پ پ پ ۽ سنڌ حڪومت خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي.استادن جي حاضريءَ کي مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ جيڪي نوان نوان سيڪڙاٽ مانيٽر مقرر ڪيا ويا آهن انهن کي سنڌي تعليم نج نٿي اچي بلڪ اهي سنڌي تعليم جي باري ۾ ڪا به معلومات نٿا رکن .وڏي افسوس جي اها ڳالهه آهي ته انهن مانيٽرنگ ڪرڻ وارن ۾ وري اهي ماڻهو به تعليم کاتي جي آفيسرن پاران هٿرادو مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي پڻ ويزا سسٽم کي پنهنجي منٿلي ذريعي هلائڻ جا نوان نوان گرَ طريقا ٺاهيندي اسڪولن نه پڙهائيندڙ گوسڙو ماسترن جي لاءِ ڇپر ڇانو بڻجي ويا آهن ڇاڪاڻ ته انهن جي ذريعي ئي آفيسرن جي روزي روٽي ۽ انهن جي شاهي خرچن جو پورائو ٿئي ٿو، مسئلو آهي ريگيولر پرائمري استادن جو جيڪي ريگيولر استاد هجن انهن مٿان نيون نيون هروڀرو جون ڳالهيون عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڪندي روز بروز نوان طريقا ۽ ناٽڪ شروع ڪيا وڃن ٿا،جيئن سنڌ جي اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ خاص ڪري پرائمري اسڪولن ۾ پرائمري استادن کي علائقن جي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي ٿو تازو ئي پرنٽ ميڊيا تي به اهڙيون خبرون سامهون آيون ته قمبر شهدادڪوٽ شهر جي هڪ پرائمري اسڪول جي استادن سان علائقي جي نام نهاد وڏيري سرڪاري اسڪول ۾ بيجا مداخلت ڪندي استادن تي وڏيرائپ هلائيندي گارگند ۽ نازيبا الفاظ ڳالهائيندي بيعزتي ڪئي. جنهن کانپوءِ استادن علائقي جي هٿرادو وڏيري خلاف تعليمي عملدارن آڏو دانهن ڏيندي انصاف جي گهر ڪئي پر انهيءَ وڏيري خلاف ايڪشن کڻڻ بجاءِ ويتر پرائمري اسڪول جي سمورن استادن کي چيو ويو ته خير آهي ڳوٺ جو ماڻهو آهي ڀاڪر پئي ڳالهه کي وساريو وڃي.جنهن کان پوءِ انصاف نه ٿيڻ ۽ استادن جي ماءُ پيءُ کي گار گند ڪڍڻ ۽ بي عزتي ٿيڻ تي اسڪول جي سمورن استادن رد عمل ۾ پنهنجون بدليون ٻئي اسڪول ۾ ڪرائڻ لاءِ تعليمي عملدارن کي چيو ويو. جنهن تي تعليمي آفيسرن هٿرادو وڏيري تي ڪو به قدم کڻڻ بجاءِ اسڪول جي سمورن استادن جون بدليون ڪيون ويون ۽ انهيءَ سلسلي ۾ استادن جو چوڻ آهي ته هيءُ مامرو استادن جي بيعزتيءَ وارو هڪ دفعو نه پر هر ٻئي ڏينهن تي استادن سان نام نهاد وڏيري جو ۽ ٻين اڻپڙهيل ماڻهن جو ٿيندو رهي ٿو. جنهن تي استادن مجبورن پنهنجي تر ڳوٺ بجاءِ ٻين جاين تي بدليون ڪرايون، انهيءَ عمل سبب اسڪول جي تعليم ڪيترو وقت متاثر ۽ ڊسٽرب رهي ۽ محنتي استادن بجاءِ مڙيئي ڪم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڃان تائين پنج سو کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون دربدر ۽ ٻين اسڪولن ۾ تعليم لاءِ آتا آهن.استادن مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ جو سلسلو پهريان جيان جاري و ساري رکيو ڪيترا مهينا گذرڻ کانپوءِ به استادن جو چوڻ آهي ته اسان کي انصاف ته نه مليو وري الٽو اهو چيو وڃي ٿو ته توهان کي پنهنجي انهيءَ اسڪول ۾ وڃڻو پوندو ڇاڪاڻ ته توهانجي بائيو ميٽرڪ اتي انهي تڪراري اسڪول ۾ ٿيل آهي ؟ ڪيترا مهينا گذري ويا آهن ته انهن پرائمري استادن جي اي ڊيز تبديل ڪري نئين اسڪول ۾ نه رکيو ويو آهي. ٽرانسفر بدلي ٿيل نون اسڪولن ۾ مانيٽرنگ سسٽم ۾ نٿو لاٿو وڃي، اتي به تعليمي آفيسر ۽ بائيو ميٽرڪ تي مقرر نوان ملازم انهن حاضر استادن کي اڳ واري اسڪول ۾ غير حاضر ڄاڻايو وڃي ٿو ۽ نئين بدلي ٿيل اسڪول ۾ به حاضر نٿا ڪن يعني ٻنهي اسڪولن ۾ حاضر استادن کي غير حاضر ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري انهيءَ سلسلي ۾ اڳ ۾ ئي لاڙڪاڻي جي ميل ۽ فيميل ٻه سوءَ کان وڌيڪ استادن جون اي ڊيز بند ڪندي ماهوار پگهارون روڪيون ويون آهن. هاڻي ٻڌايو وڃي ته جتي ڪنهن استاد سان تعليم دشمن سماج ۾ اڻ پڙهيل ماڻهو ڏاڍ مڙسي ڪندي بي عزتي ڪندا وتن رد عمل ۾ استاد پنهنجي عزت ۽ پيغمبري پيشي سان وابسته اداري جي تقدس برقرار رکڻ لاءِ اهڙي معاشري مان نجات وٺي ته پوءِ وري انهيءَ اسڪول ۾ مقرر ڪرڻ استادن جي جان کي جوکي ۾ رکڻ ۽ خطري آڻڻ کانسواءِ ٻيو ڇا چئي سگهجي ٿو ؟ پرائمري استادن جو اهو مطالبو آهي ته جن جن استادن جون ڪنهن به جاءِ تان تعليمي آفيسرن بدليون ڪيون آهن ته پوءِ خدارا انصاف تي مبني فيصلا ڪندي اهي تعليمي آفيسر پنهنجي فيصلي تي قائم رهندي انهن پرائمري استادن جون اي ڊيز ته بند نه ڪن ۽ سيميز ڪوڊ نئين اسڪول جو ڏيندي استادن جون پگهارون جيئن جو تيئن جاري ڪيون وڃن، ويچارن پرائمري استادن کي پگهار کانسواءِ ٻيو ڪهڙو معاشي ذريعو آهي.آخر ۾ جيئن سنڌ جي سمورن ڪلارڪن کي اسڪيل روائيز ڪندي سنڌ حڪومت ساراهه جوڳو قدم کنيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي سمورن پرائمري استادن کي به ائين ئي اسڪيل ڏيئي انهن جي به ديرينه خواهش پوري ڪئي وڃي ته سنڌ حڪومت جو اهو تاريخي قدم ليکيو ويندو ۽ انهي سان سنڌ جي هزارين استادن جي معاشي بهتري ٿي سگهي ٿي.سنڌ کان سواءِ ٻين صوبن جا پرائمري استاد گروپ انشورنس ۽ يوٽيلٽي الائونس ۽ ٻيو مراعتون کڻن ٿا، سنڌ جو استاد انهي سرڪاري مراعتن کان محروم بڻيل آهن. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان استادن جي انٽرينڊ انڪريمينٽ جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي ته سنڌ ٽريبونل پاران پڻ انٽرينڊ انڪريمينٽ بابت منظور ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته ضلع نوابشاهه ميرپورخاص جي استادن انٽرينڊ انڪريمينٽ جون مراعتون حاصل ڪري ورتيون آهن ساڳي قسم جون مراعتون سموري سنڌ جي استادن کي پڻ ڏنيون وڃن ۽ 2002ع کان تعليمي انڪريمينٽون بند پيل آهن سي بحال ڪيون وڃن، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اها ڳالهه رکي وئي آهي ۽ بل به پاس ڪيو ويو ته جن به ملازمن 2001ع کانپوءِ بي اي، بي ايڊ، ايم اي، ايم ايڊ ڪئي آهي يا ايڊوانس انڪريمينٽون نه کڻي سگهيا آهن کي اهي مراعتون ڏنيون وڃن پر انهي لاءِ نوٽيفڪيشن اچڻ جو انتظار باقي آهي، سنڌ حڪومت پاران اهو اعلان ته سنڌ جا استاد حج، عمري ۽ زيارتين تي گهڻو وڃن ٿا انهي لاءِ تعليم کاتي پاران حج، عمره شريف ۽ زيارتين ادا ڪرڻ لاءِ موڪل ڏيڻ تي پابندي وارو فيصلو مڙهيو ويو آهي، هر باشعور سوچي سمجهي سگهي ٿو ته اهو فيصلو سراسر مذهبي آزادي کان روڪڻ آهي جيڪو پاڪستان جي آئين خلاف آهي، سنڌ يونيورسٽي ، اقراءَ، اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن مان ڪراچيءَ جي استادن کي پڪو ڪيو ويو آهي باقي استادن کي اڃان تائين ريگيولر نه ڪيو ويو آهي جنهن کي 10سال گذري ويا آهن، انهن پرائمري استادن جو تعداد ايڏو وڏو ناهي جو سنڌ حڪومت جا کربين ۽ اربين رپين وارا خزانا خالي ٿي ويندا. سرڪاري ملازم سو به ويچارو پرائمري استاد جنهن جا هن مهانگائيءَ جي دور ۾ گهرو مسئلن ، بيمارين بڙين، اولاد، والدين، غمي خوشي، پنهنجو جهڳو ٺاهڻ ڪيڏو وڏو مسئلو بڻيل آهي. هر ڀيري چيو وڃي ٿو ته سنڌ حڪومت پاران ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيو توهانجي مسئلي جي حل لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي ۽ توهانجي سمري سي ايم صاحب جي ميز تي پيل آهي ۽ اهڙي طرح هر ڀيري پرائمري استادن مٿان نالي جي جمهوري حڪومت سڏائيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي استادن مٿان پوليس جو وحشياڻي تشدد، لٺين، ڏنڊن، آنسو گئس، شيل گولا وسائڻ جو حڪم ڏيئي حقيقت ۾ مهذب پيغمبري پيشي استاد جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان پ پ پ جي باني سربراهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي روح کي ايذايو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو استاد ڪا نئين ۽ انوکي عجوبي جهڙي ڊمانڊ مطالبو نٿا ڪن پر سنڌ جو استاد چئي ٿو ته جڏهن پنجاب جو پرائمري استاد يوٽيلٽي الائونس، سموريون ڊگرين تعليمي اضافن جون انڪريمينٽون ۽ ڊفرنس کڻي ٿو ته پوءِ سنڌ جي پرائمري استادن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو انهن جا جائز ۽ تسليم ڪيل سالن جا سال مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن؟، جڏهن بغير ڪنهن ڪميشن جي امتحان ڏيڻ جي نون هيڊ ماسترن کي 17 هين گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو ته پوءِ 20، 25 ۽ 30 سال سروس ڪندڙن پرائمري استادن کي جن سالن جا سال پنهنجي تعليم کاتي ۾ خدمتون ڏنيون آهن انهن کي 17 هون گريڊ ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟، جڏهن ته هائير سيڪنڊري استادن ايڇ ايس ٽي، ڪاليج جي ليڪچرارن ۽ يونيورسٽي جي پروفيسرن استادن کي 17، 18، 19 ، 20 ۽ 21 گريڊ ڏيئي هڪ پيرڊ وٺڻ واري جو مان مٿانهون ڪيو وڃي ٿو باقي جيڪو سڄو ڏينهن کليل آسمان، ڀڳل ٽٽل ڪرسي ۽ اڻ پوري فرنيچر تي پنهنجي شاگردن کي سمورا سبجيڪٽ مسلسل پڙهائيندي ماءُ ۽ پيءُ جهڙو ساٿ نڀائيندي انهن جي سنگهه ۽ لم به اگهي ٻارڙن کي مت ڀرو ڪري ٻين مٿين اسڪولن، ڪاليجن يونيوارسٽي ڏانهن تيارڪري اماڻي ٿو انهي کي ڪو 17 گريڊ نه ڏيڻ سراسر حڪومت سنڌ جي لکين استادن سان زيادتي آهي، استاد هڪ روحاني ابو آهي جيڪو پنهنجي شاگردن جي بهتر نشو نما، تربيت، سکيا ڪري ملڪ جو هڪ بهتري شهري بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو.تنهن ڪري ئي ڏاهن جوچوڻ آهي ته “ استاد جي عزت ماءُ پيءُ کان وڌيڪ ڪريو، ڇاڪاڻ ته اهو توهان جي روح جي اصلاح ڪري ٿو”،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2025
•
تازہ ترین
”بانو کو بلوچ رسم و رواج کے تحت سزا دی گئی، سردار شیر باز بے گناہ ہے، رہا کیا جائے” مقتولہ کی والدہ کا بیان
23rd Jul 2025
•
تازہ ترین
خبردار! کسی کے جھانسے میں نہ آئیں، نیشنل سرٹ نے وارننگ جاری کر دی
23rd Jul 2025
•
سندھ
کراچی میں خاتون نے ایک ہی وقت میں 5 بچوں کو جنم دیا
23rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي به ٽنهي صوبن واريون سهولتون ڏيو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جرڳا ڪري معصوم نياڻين جا خون لوڙھيا وڃن ٿا: اياز لطيف پليجو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز ۾ ڳوٺ سھراب مري جي رهواسين جو 13هين ڏينهن به نواب مري خلاف احتجاج جاري
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ٿرڪول ڊيم نبي سر ٿر ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف ريلي ۽ ڌرڻو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي شڪارپور جي صدارت ۾ يوم آزادي جي حوالي سان گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ جي سرڪاري ملازمن
عبدالوحيد عباسي
ڪراچي پريس ڪلب
0 تبصرے