English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ھاليچي ڍنڍ ڀرسان قائم ڪمپني جي انتظاميہ جون رهواسين سان مبينا زيادتيون
views
|
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(ڊر)ھاليچي ڍنڍ ڀرسان قائم ٿيل AY ڪمپني جي انتظاميہ پاران طاقت جي زور تي مقامي رھواسين جو جيئڻ جنجال بنائي سندن رستا، لنگھ بند ڪرڻ بعد ھاڻي کين پنھنجي ئي ڳوٺن مان بيدخل ڪري سندن ڳوٺ وارين زمينن تي قبضا ڪرڻ جون ڪوششون جاري ڪري ڇڏيو، مقامي رھواسي سخت پريشان، متاثرين جون دانھون، انصاف جو مطالبو، ان سلسلي ۾ ھاليچي ڍنڍ لڳ ڳوٺ محمد قاسم ميربحر جي رھواسي شير محمد ميربحر صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو اھي تہ سندن ڳوٺ محمد قاسم ميربحر پاڪستان ٺھڻ کان بہ اڳ جو آباد اھي، جنھن ڳوٺ ڀرسان AY ڪمپني جي انتظاميہ ھاڻي زمينون خريد ڪرڻ بعد مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو اھي، جن پاران مقامي رھواسين کي بلاجواز پريشان ڪري سندن رستا بند ڪرڻ بعد ھاڻي کين پنھنجي ئي ڳوٺ توڙي گھرن مان بيدخل ڪري سندن گھرن واري زمينن تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، پورھيت شير محمد ميربحر چيو تہ سندن روزگار جو وسيلو مڇي ماري ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ آھي، پر مذڪورہ ڪمپني جي انتظاميہ اسان کان اھو روزگار جو بہ حق کسي بک ۽ بدحالي طرف ڌڪڻ چاھي ٿي، پر اسان پنھنجا ڪکاوان گھر توڙي ڳوٺ ڪنھن بہ صورت ۾ خالي ڪونہ ڪنداسين، شير محمد ميربحر چيو تہ ھن کان اڳ مذڪورہ ڪمپني جي انتظاميہ سوين ايڪڙ سرڪاري زمين، ٽوئرازم کاتي جي بنگلي سميت وڏي ايراضي زمين تي قبضا ڪري مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي مقامي 5 ڳوٺن جي پيئڻ جي پاڻي واري واٽر سپلاء جي لائين تي بہ قبضو ڪري ورتو اھي، پر ان قبضاگير ڪمپني جي انتظاميہ خلاف ڪير بہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري کين پنھنجي ئي ڳوٺ مان طاقت جي زور تي بيدخل ٿيڻ کان بچائي ڪمپني انتظاميہ خلاف ڪاروائي ڪري کين پريشاني کان بچائي کين تحفظ مھيا ڪرڻ سميت کين AY ڪمپني جي انتظاميہ جي زيادتين مان نجات ڏياري سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪرائي ان پاران سرڪاري زمينن، سرڪاري بنگلن سميت جن بہ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آھن، اھي قبضا فورن خالي ڪرائي کيس ھتان نيڪال ڏياري وڃي، جيئن مقامي ماڻھون سک جو ساھ کڻي سگھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ھاليچي ڍنڍ
0 تبصرے