زمين ۽ گھرن تان قبضا نه ھٽيا ته 14 آگسٽ تي دمادم مست قلندر ٿيندي، ڊي سي آفيس اڳيان پاڻ ساڙينداسين:مظاهرين
نوشھرو فيروز(ڊ ر) اڄ ٻارھين ڏينھن به ڳوٺ سھراب مري جا رھواسي مطا لبن جي مڃتا لاء پريس ڪلب اڳيان ويٺا رھيا قرآن شريف جي تلاوت کان پوء پنھنجي ئي سوٽ نواب خان مريء جي خلاف سخت ناري بازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي بشير مري ۔اعجاز مري ۔بشير مري۽نظير علي چيو ته اڄ به دست علي گل خاصخيلي شمن علي چانڊيو ۔قربان علي تڳر اسان جي ڪيمپ تي ڳالھين لاء آيا مگر انھن نواب خان مري جي فرمائشي پروگرام جو فيصلو ڪرائڻ جون ڳالھيو ن ڪيو جيڪي اسان قبول نه ڪيون ڪالھ ايم پي اي ممتاز چانڊيو ۔ضلعي چيئرمين سھيل اختر عباسي آيا انھن اسان سان ڳالھيون ڪيون اسان انھن جون ڳالھيون مڃيو ن فيصلو سھيل عباسي جي ڀنگلي تي ٿيڻ جو چيو جنھن ۾ ممتاز چانڊيو سردار غلام نبي مري ۔پير قربان علي گل خاصيلي ۽ٻين نيڪ مردن جي سرپينچي ھيٺ اسان فيصلو ڪرڻ لاء ھا ڪئي پر جڏھن نواب مري سان ڳالھايو ته ھن فيصلي کان جواب ڏنو ته پوء اڄ علي گل خاصيلي وٽ فرمائشي فيصلو ڪرڻ لاء راضي ٿيو جيڪا ڳالھ اسان قبول نه ڪئي اسان چيو پنھنجي حقن ملڻ تائين اسان جو پر امن احتجاج جاري رھندو پوء ڀلي ان ۾ سال لڳي وڃي پراسان احتجاج ڪنداسين ۽ احتجاج اسان جو حق آھي اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا زمين ۽ گھرن تان قبض نه ھٽيا ته پوء ۽ 14 آگسٽ تي دما دم مست قلندر ٿيندي پنھنجو پاڻ کي ڊي سي آفيس اڳيان ساڙينداسين جو ڪجھ ٿيو ان جي ذميوار انتظاميا ۽ نواب مري ھوندا اسان ان کان قيامت جي ڏيھاڙي حساب وٺنداسن سيتائي ڀلي اسان جون زمينون قبضي ھيٺ رکي ۽اسان جون جڳھن ۾ ويھي ڇو ته ھن سدائين غريب ماڻھن جي گھرن ۽ زمينن تي قبضا ڪري پنھنجي ٻچڙن کي حرام کاريو آ ڀلي کائيندو رھي ڇو ھن جي رڳ رڳ ۾ حرام جا ٽڪر ۽ غريبن جو رت پيل آھي اسان جي دانھن الله کي آ الله اسان جو فيصلو ڪندو ۔
0 تبصرے