شهرين اسٽيل مل جي سي اي او جي گهر اڳيان گڏ ٿي اسٽيل مل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ 15 ڏينهن کان پيئڻ جو پاڻي بند ھجڻ خلاف رهواسي رستن تي نڪري آيا جن اسٽيل مل جي سي اي او جي گهر اڳيان گڏ ٿي اسٽيل مل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو شهرين جو چوڻ ھو ته گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿيڻ جي 15 ڏينهن گذرڻ باوجود صورتحال ۾ بهتري نه اچي سگهي اهي. شهرين جو چوڻ هو ته اسٽيل مل انتظاميا نه صرف ادارو تباهه ڪيو، پر هزارين پورهيتن کي بيروزگار به ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ته پيئڻ جي پاڻيءَ جهڙي بنيادي سهولت به کسي ورتي وئي آهي.شهرين شڪايت ڪئي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي بند هجڻ ڪري هو سخت پريشانين جو شڪار آهن، عورتون ۽ ٻارڙا به پاڻي لاءِ دربدر آهن، پر انتظاميا بي حسي جو مظاهرو ڪري رهي آهي.احتجاج ڪندڙ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي مسئلي جو مستقل حل ڪڍيو وڃي ۽ گلشن حديد وارن کي ٻيهر پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي.
0 تبصرے