عاشق زرداري ڳوٺ رئيس محمد يوسف پيروزاڻي کان ڪيٽي بندر تائين نيشنل هاءِ وي جي ڪم جو جائزو ورتو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي ضلعي ٺٽي ۾رڪارڊ ترقياتي ڪمن ڪيان آهن عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾پوري سنڌ ۾ پيپلزپارٽي رڪارڊ قائم ڪيو آهي اهڙن جو خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ عاشق حسين زرداري ڳوٺ رئيس محمد يوسف پيروزاڻي کان ڪيٽي بندر تائين نيشنل هاءِ وي روڊ جو تعميراتي ڪم جو معائنو ڪرڻ کانپوء ڳوٺ رئيس محمد يوسف پيروزاڻي ۾رئيس واحد بخش پيروزاڻي رئيس مولا بخش پيروزاڻي جي ڀيڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ عاشق حسين زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي سامونڊي پٽي جي علائقن ڪيٽي بندر ڳاڙهو پهتو جنهن ڳوٺ رئيس محمد يوسف پيروزاڻي کان ڪيٽي بندر تائين نيشنل هاءِ وي روڊ جو تعميراتي ڪم جو معائنو ڪيو انهي موقعي تي هن چيو ته صدر ملڪمت آصف علي زرداري جي پهرين دور ۾گھارو کان ڪيٽي بندر تائين نيشنل هاءِ وي روڊ منظور ٿيو جيڪو گهارو کان ڳوٺ رئيس محمد يوسف پيروزاڻي تائين ون فيز مڪمل ٿيو هينئر ٻيهر صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ جي هدايتن تي ڳوٺ رئيس محمد يوسف پيروزاڻي کان ڪيٽي بندر نيشنل هاءِ وي روڊ جو تعميراتي شروع ٿي چڪو آهي جنهن سان سامونڊي پٽي جي علائقن ۾وڏي تبديلي ايندي سفري سهولتون فراهم ٿيڻ سميت روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾صوبائي وزير ورڪس سروس جيل خانه جات سنڌ علي حسن زرداري ضلعي ٺٽي ۾رڪارڊ ترقياتي ڪمن ڪيان آهن جنهن ۾ميگا منصوبا ڪوسٽل ھاء وي روڊ تعلقه اسپتال گھوڙاٻاري سميت پوري ضلعي ۾روڊن جو نيٽورڪ سميت عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ سميت تاريخي شهر ڪيٽي بندر کي سامونڊي تباهڪاري کان بچاءُ لاءِ ايشن ڊولپمينٽ بنڪ جي مدد سان ڪيٽي بندر کي بچاءُ بند ۽نوجوان کي روزگار فراهم ڪيو آهي انهن موقعي تي ساڻس گڏ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ٺٽو عبدالحميد پنهور شاھنواز لوھار غلام مطفي سمون ذاڪر حسين ڪڙمون محب پيروزاڻي ۽ٻيا اڳواڻن گڏ هئا
0 تبصرے