ڪاليج ليب اسسٽنٽس جي حق م سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي باوجود اپ گريڊ نه پيو ڪيو وڃي جيڪا قانون جي لتاڙ آهي: ولي محمد گبول
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ۾ تعليم کاتو ته هڪ آهي پر قانون ٻه آهن، سمورن ادارن ۾ سرڪاري ملازمن کي اپ گريڊ ڪري ترقيون ڏنيون پيون وڃن پر اسان ڪاليج ليب اسسٽنٽس جي حق م سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي بعد به اپ گريڊ نه ڪري قانون جي لتاڙ ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي سنڌ ڪاليجزليب ايسوسيئيشن ضلعي ملير جي اڳواڻن ولي محمد گبول، فيصل سعيد اڄڻ، اڪبر علي راهوجو، اسداللہ پہنور، خليل گبول، جاويد حسين، عبدالخالق، آصف اڪبر ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته 18 جون 2025 تي سنڌ هائي ڪورٽ اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندي تعليم کاتي جي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ٽن مهينن ۾ ليب اسسٽنٽس کي اپ گريڊ ڪيو وڃي پر ان تي اڃان تائين عمل نه ڪيو ويو آهي هنن چيو ته اسان کي عدالت سڳوري، سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن تي اعتماد آهي ته ٽن مهينن ۾ اسان جي مسئلي کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو هنن چيو ته جڏهن هائي اسڪول جي ليب اسسٽنٽس کان علاوه پٽيوالن سميت سينيئر ڪلارڪن کي اپ گريڊ ڪري ٻن اسڪيل مان 11 اسڪيل مان 17 گريڊن ۾ ترقي ڏني ويئي آهي ته ڪاليجن جي پڙهيل لکيل ليب اسسٽنٽس ڪهڙو ڏوه ڪيو آهي هنن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ، ۽ تعليم جي صوبائي سردار علي شاھ کي اپيل ڪئي ته هو عدالت ۽ اسان غريب ملازمن کي عزت ڏيندي تعليم کاتي ۽ فنانس کاتي کي هدايتون ڪن ته هنن ٽن مهينن م اسان کي اپ گريڊ ڪن پر جيڪڏهن ڪنهن ٻه ٻڌ نيٽ ڪاموري اسان جي قانوني ترقين م رڪاوٽ وڌي ته اسان وري سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين ۽ پر امن جدوجهد ڪرڻ تي مجبور ٿي پونداسين
0 تبصرے