نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي ڳوٺ سهراب مري جي رهواسي مري برادري جي ماڻهن جو نائين ڏينهن به زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر وڏيري جي خلاف احتجاج جاري رکيو آهي ڳوٺاڻن بشير مري، اعجاز مري، سڪندر علي مري ۽ ٻين جي اڳواڻي وسندڙ برسات ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي آهي ڳوٺاڻن زمين تي قبضي ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف نعري بازي به ڪئي ان موقعي ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ظلم جي انتها آهي جو اڄ نائين ڏينهن به اسان پنهنجي جائز حقن جي لاءِ احتجاج ڪيون پيا پر ڊي سي نوشهروفيروز توڙي ايس ايس پي خاموشي سان تماشائي بڻيل آهن جن جي لاپرواهي جي ڪري ڪنهن به وقت خونريزي ٿي سگهي ٿي هنن چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته خونريزي ٿئي اسان جي زمين تان بااثر نواب مري جو قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي هنن صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار ، چيف سيڪريٽري سنڌ سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري نواب مري خلاف قدم کڻي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ جيڪا صورتحال ٿي ته ان جي ذميواري ضلعي انتظاميه تي هوندي
0 تبصرے