اجلاس ۾ 3 مھينن لاء آرگنائيزر باڊيز جو اعلان ڪيو ويو، آرگنائيزر ميمبر علي حسن منڱريو ۽ ٻيا شامل
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ ايم ايس ايف جي آرگنائيزر باڊيز جو اعلان خبر موجب ايم ايس ايف جي صوبائي صدر محسن ھنگورو جي صدارت ۾ ضلع عمرڪوٽ جو اجلاس ٿيو 3 مھينن لاء آرگنائيزر باڊيز جو اعلان ڪيو ويو جنھن ۾ ضلع لاء آرگنائيزر ميمبر علي حسن منڱريو، مير خان مھر، عبدالجبار راڄڙ، پريمچند بنجارا، ھوٿ خان ڀٽي، ثنا الله مھر، لال محمد راڄڙ، سيد صدام حسين شاھ، راجا زوار منگريو، الھورايو جوڻيجو، ڪرن مالھي، فياض احمد راڄڙ، ملڪ احسان، حر احمد سمون ۽ عبدالسلام مھر کي مقرر ڪيو ويو اجلاس ۾ ايم ايس ايف جو صوبائي نائب صدر حاجي احسان راڄڙ، جنرل سيڪريٽري نقاس مري، فنانس سيڪريٽري جي ايم چاڪراڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو فنڪشنل ليگ ضلعي طرفان نمائنده حاجي عبدالغفار ناگوري، جلال الدين منڱريو ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تعلقہ سٽي ۽ يوسي سطح تي جلد مڪمل تنظيم سازي ڪري پير سائين پاڳاري ۽ يونس سائين جو پيغام گھر گھر پھچائڻ جو وچن
0 تبصرے