English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ صحافين پاران ايس ايڇ او مبين پرهياڙ خلاف احتجاج
289 views
|
20th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون جي ڪردارڪشي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان ڌابيجي جي ڪرپٽ، منشيات فروشن جي سھولت ڪار،لينڊگريبر ۽ اغوا برائي تاوان ۾ ملوث ۽ عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون جي ڪردار ڪشي ڪندڙ ايس ايڇ او مبين پرھياڙ خلاف ھڪ ڀرپور احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،جنھن ۾ عوامي پريس ڪلب جي صحافين کان علاوہ ايوان صحافت مڪلي جو سرپرست نظير قريشي، صدر اڪبر دلواڻي پنھنجي دوستن سميت شريڪ ٿيو، جڏھن تہ گھارو مان سينيئر صحافي ممتاز لاشاري،ٻوھارا مان سينيئر صحافي عزيز سومرو،ٺٽي جو صحافي اسد سبزپوش، روزاني ڪوشش اخبار جو حسن عباس، سماجي اڳواڻ صالح خانيو،مظھر جکھڙ،ايس ايڇ او مبين پرھياڙ جي ظلمن جو شڪار محمد بلوچ،سيد انور شاھ،اڪبر ڪڇي پڻ شريڪ ٿيا ۽ مٿن ظلمن جا داستان ٻڌايا،ان موقعي تي مظاھرين ھٿن ۾ شيٽون کڻي ايس ايڇ او مبين پرھياڙ کي ھٽائڻ لا زوردار نعرا ھنيا،ان موقعي تي ايوان صحافت جي صدر اڪبر دلواڻي ۽ روزانہ ڪوشش اخبار جي رپورٽر حسن عباس، سينيئر صحافي شبير مانجھد پنھنجي خطاب ۾ عوامي پريس ڪلب جي بلاول سمون سان يڪجھتي جو اظھار ڪندي فوري طور ڪرپٽ ايس ايڇ او ڌابيجي مبين پرھياڙ کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو،ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ ايس ايڇ او ڌابيجي مبين پرھياڙ ھڪ ڪرپٽ، منشيات جون لائينون ھلائيندڙ،لينڊ گريبنگ ۾ ملوث ھئڻ سان گڏ چوري شدہ ڊيزل پئٽرول جون ايجنسيون ھلائيندڙ ۽ اغوا برائي تاوان ۾ ملوث آھي، ھن پنھنجو ٿاڻو ھڪ پرائيويٽ فرنٽ مين حاجن ڏاھري حوالي ڪري ڇڏيو آھي،جيڪو سڀ ڪم ڪري ٿو،ھن چيو تہ اسان جي جدوجھد کان کان پو ايس ايس پي ٺٽو پاران ورتل ايڪشن ۾ سڀ ڳالھيون سچ ثابت ٿي چڪيون آھن،غيرقانوني آئل ڊيپو بہ ظاھر ٿي چڪو آھي، گٽڪا ماوا ۽ منشيات بہ ثابت ٿي چڪي آھي،اغوا برائي تاوان وارا معاملا بہ پڌرا ٿي چڪا آھن،پراين پلاٽن، زمينن تي قبضا بہ ثابت ٿي چڪا آھن، ان ڪري اعلا اختيارين کي فوري طور ڪرپٽ ايس ايڇ او مبين پرھياڙ کي ڊسمس فرام سروس ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو اڃا بہ وسيع ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايڇ او مبين پرهياڙ
SHO
عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون
ٺٽو
0 تبصرے