ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبد الخالق پيرزادو ملير جيل جو دورو ڪري جيل جي اندر ۽ٻاهر جي حفاظتي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن جيل جي چيڪ پوسٽن، داخلي ۽ خارجي رستن، ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڊيوٽين جي چڪاس ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون.دوري دوران سپرنٽنڊنٽ جيل شهاب الدين صديقي ايس ايس پي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جيل ۾ پوليس، رينجرز، ايف سي، ايس ايس يو، ۽ جيل پوليس جي نفري 24 ڪلاڪ الرٽ آهي. واچ ٽاورز، داخلي رستا ۽ ٻين اهم هنڌن تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي.ايس ايس پي ملير آئي ٽي روم، سي آر او روم، آرٽس روم ۽ ٻين اهم هنڌن جو پڻ دورو ڪيو، جتي هن قيدين لاءِ جاري اصلاحي سرگرمين، رڪارڊ مئنيجمينٽ، ۽ سي سي ٽي وي نگراني جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو ڊاڪٽر عبد الخالق پيرزادو مختلف نوعيت جي ڪيسن ۾ قيد قيدين سان پڻ ملاقات ڪئي، سندن مسئلا ٻڌا
0 تبصرے