English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڌاٻيجي ۾ هٿياربند نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار
162 views
|
16th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائين بدران ننڊ سُتل آهي: زخمي جا وارث
ٺٽو (شفيق ڀٽي )ڌاٻيجي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، سومرو پمپ ڀرسان نامعلوم هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري مقامي نوجوان شاهزيب شاهه بخاري کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. فائرنگ بعد جوابدار آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر گهارو منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.زخمي نوجوان جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته ايس ايڇ او مبين پرھياڙ ۽ سندس ٽيم سڄو ڏينهن منشيات فروشن جي سهولتڪاريءَ ۾ لڳل آهي، جنھن سبب عام ماڻهو غير محفوظ ٿي ويا آهن. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسان جي ماڻھوءَ کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار موجوده ايس ايڇ او هوندو. هوڏانهن علائقي جي سياسي ۽ سماجي حلقن به سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڌاٻيجي ۾ ڏوهارين جا حوصلا بلند ٿي ويا آهن، ماڻهو پنهنجن جانين ۽ مال بابت سخت پريشان آهن. هنن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او کي فوري طور هٽائي علائقي ۾ ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر مقرر ڪيو وڃي. شهرين سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته هو ڌاٻيجي جهڙي حساس علائقي ۾ پوليس جي غفلت ۽ خاموشيءَ جو نوٽيس وٺن ۽ مقامي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪن، ٻي صورت ۾ ايندڙ ڪنهن به ان وڻندڙ واقعي جي ذميواري سڌيءَ ريت لاپرواه آفيسرن تي هوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڌاٻيجي
زخمي جا وارث
0 تبصرے