نشئي ماڻهن قبرستان جي حفاظتي ڀتين جو لوهه ڪڍي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڀتين کي ٽوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي قومي شاهراهه لڳ صديون پراڻو تاريخي ورثو چوڪُنڊي قبرستان بدانتظامي ۽ بي ڌياني سبب سخت خطري هيٺ اچي ويو آهي.منشيات جا عادي ماڻهو هيروئنچي قبرستان جي حفاظتي ڀتين جو لوه ڪڍي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڀتين کي ٽوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ڀتين جي ڪرڻ جو خطرو وڌي ويو آهي ياد رهي ته چوڪُنڊي قبرستان نه صرف سنڌ، پر پوري پاڪستان جو اهم ثقافتي ۽ تاريخي ورثو آهي، جيڪو 16هين صدي جي فنِ تعمير جو بي مثال نمونو آهي. هتي موجود قديمي قبرن تي نقش نگاري ۽ پٿرن تي لکاوت عالمي سطح تي به سڃاتل آهن پر هي قبرستان اڄڪلهه سخت لاپرواهي ۽ بي ڌياني جو شڪار بڻيل آهي. قبرستان جي احاطي اندر ئي آثارِ قديمه کاتي جو آفيس قائم هجڻ باوجود، لاڳاپيل عملو خاموش تماشائي بڻيل آهي. سماجي اڳواڻن ۽ مقامي رهواسين طرفان هن صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي، حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته تاريخي چوڪُنڊي قبرستان جي تحفظ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، جيئن قبرستان جي حفاظتي ڀتن جي مرمت ۽ ٻيهر تعمير ڪئي وڃي مستقل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي نشي جي عادي ماڻهن ۽ قبضا گيرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي آثارِ قديمه کاتي جي نااهلي تي جاچ شروع ڪئي وڃي
0 تبصرے