ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي احتساب بيورو نيبب بحريا ٽائون ڪراچي خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رکندي هڪ ٻيو اهم قدم کنيو آهي. اربع ڏينهن نيب جي ٽيم بحريا ٽائون ڪراچي ۾ ڇاپو هڻي، ڪيترين ئي قیمتي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي نيب جي آفيس منتقل ڪري ڇڏيون.ذريعن موجب، هيءَ ڪارروائي ان ريفرنس جي سلسلي ۾ ڪئي وئي آهي، جيڪو بحريا ٽائون خلاف 17 هزار ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت عدالت ۾ زيرِ سماعت آهي. ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ به نيب بحريا ٽائون ڪراچي جي ڪيترين ڪمرشل جائدادين کي منجمد ڪري چڪو آهي. گذريل ڪجهه وقت کان بحريا ٽائون جي طرفان اهڙو تاثر ڏنو پئي ويو ته ڄڻ نيب سان ڪا ڊيل يا مفاهمت ٿي وئي آهي، پر نيب جي اعلى ذريعن ان تاثر جي سختيءَ سان ترديد ڪندي واضح ڪيو آهي ته بحريا ٽائون سان ڪنهن به قسم جي ڪا ڊيل نه ٿي آهي، ڪارروائي مڪمل طور تي قانون جي مطابق ڪئي پئي وڃي. نيب جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪرپشن خلاف بيورو جو عزم مضبوط آهي، ۽ ڪو به بااثر شخص يا ادارو قانون کان مٿانهون نه آهي.
0 تبصرے