رياض چانڊيو پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالهي ۽ عمرڪوٽ بار جي ميمبرن سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر ) جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو عمرڪوٽ پھتو مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ان بعد رياض چانڊيو عمرڪوٽ بار جي ميمبرن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ بار کي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته ٿر جي ڪوئلي ڪڍي فيصل آباد موڪلي وڃي ٿي ۽ سنڌ کي بجلي ۽ فائدي بجاءِ پنجاب کي فائدو ڏنو وڃي ٿو هن چيو ته ٿر بدلي گا پاڪستان پر ٿر اڄ به اونداهي هيٺ آهي. هن چيو ته ايتري ٿر ۾ هلندڙ ڪوئلي ۾ سڀ ڌاريا ماڻهو ملازم طور رکيا ويا آهن ڇا اسان جي ماڻھو ۾ اهليت ناهي هن چيو ته پھرين حق ٿرپارڪر وارن جو آهي بعد ۾ سنڌ جي ٻين شهرين جو آهي پر هتي صرف پنجابي ٽولو قابض آهي سنڌي ماڻهن کي هاڻي هي روزگار به ڏيڻ مناسب نٿا سمجهن هن چيو ته اسان کي پنھنجي حقن جي جنگ وڙهڻي پوندي ۽ اسان پيپلزپارٽي جي رحم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون.بار جي وڪيل برادري سنڌ جي ھر اشو تي توهان سان گڏ آهيون، ان کانپوءِ مالھي ھائوس عمرڪوٽ تي پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي سان ملاقات بعد گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي. رياض چانڊيو چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ لال مالھي کي 19 جولائي تي ميرپورخاص ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آھي ۽ ھن ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو آھي پيپلز پارٽي سنڌ جي 18ھين بجٽ پيش ڪئي آهي پر سنڌ ۾ بک بدحالي دھشتگردي بدامني عروج تي آهي. ھن چيو ته سنڌي ھندو نياڻين کي زوري اغوا ڪري انھن جو مذهب تبديل ڪيو ٿو وڃي جنھن جي زميوار بہ پيپلز پارٽيءَ آھي جيڪا تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ھن چيو ته پير صاحب پاڳاري سان گڏجي درياهه بچايو ڪميٽي سنڌ جي زمينن ۽ درياهه جي مالڪي لاءِ وري ميدان ۾ لٿل آھي سنڌي قوم اچي 19 تاريخ تي ميرپورخاص ۾ پنھنجو ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائي اسان سنڌ جي وسيلن تيل گئس ٿر جي ڪوئلي ۽ پاڻي جو تحفظ ڪنداسين ھاڻ سنڌ کي پيپلزپارٽي جي وڌيڪ ظلم ۽ رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين ۽ عوامي مزاحمت سان کين ناڪام بڻائينداسين رياض چانڊيو چيو ته ھندو نابالغ نياڻين کي اغوا ڪيو پيو وڃي پيپلز پارٽي چائلڊ بل تي خاموش ڇو آھي ان موقعي تي پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي چيو ته اسان درياهه بچايو ڪميٽي سان گڏ آھيون 19 تاريخ تي ميرپورخاص ۾ گڏ ٿينداسون پي ٽي آئي جو سنڌو درياهه سنڌ جي زمينن ۽ اقليتن جي تحفظ بابت موقف واضح آهي اسان سنڌ جي عوام سان گڏ آھيون ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ فقير غلام نبي منگريو ،امجد ڪوري،غفار مير جت، اياز سولنگي، اسلم مھر ،ايس يو پي اڳواڻ روشن منگريو پڻ گڏ ھئا.
0 تبصرے