شرجيل انعام ميمڻ سان پي ايف يو جي، ڪي يو جي ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي هڪ اعليٰ سطحي وفدجي ملاقات

شرجيل انعام ميمڻ سان پي ايف يو جي، ڪي يو جي ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي هڪ اعليٰ سطحي وفدجي ملاقات

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي هڪ اعليٰ سطحي وفد، مشهور صحافي، پي ايف يو جي فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ميمبر مظهر عباس ۽ پي ايف يو جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيئر صحافي، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر طاهر حسين خان، سردار لياقت، سليم سهتو، جاويد جتوئي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ملاقات دوران، صحافين جي وفد سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ کي پي ايف يو جي جي پلاٽينم جوبلي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پي ايف يو جي جي ٽن ڏينهن واري پلاٽينم جوبلي تقريب خالق ڏنو هال، ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي. پي ايف يو جي جي فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ٽن ڏينهن واري تقريب 1 آگسٽ کان 3 آگسٽ تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي. وفد سينيئر وزير کي ٻڌايو ته هڪ خاص اجلاس 2 آگسٽ تي تاريخي خالق ڏنو هال ۾ منعقد ڪيو ويندو، جتي پي ايف يو جي 75 سال اڳ قائم ڪئي وئي هئي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ يونين جي نمائندن کي پنهنجي حڪومت جي عزم ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحافت ۽ جمهوريت هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سدائين آزاد صحافت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، جمهوريت لاءِ صحافي برادري جون قربانيون تاريخي ۽ نھ وسارڻ جوڳيون آهن، سنڌ حڪومت صحافين جي ڀلائي ۽ بھتري کي اوليت ڏئي ٿي. ملاقات جي موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ وفد کي صحت، ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ جاري منصوبن بابت به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سنڌ حڪومت جي منصوبن جا ثمر عوام تائين پهچي رهيا آهن. ملاقات دوران صحافين جي وفد سنڌ حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت جا قدم عوام کي رليف پهچائي رهيا آهن.