ملير: پي ٽي آءِ اڳواڻ پنھل سولنگي جي گھر تي مبينا حملي ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل

شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي تي پنھل سولنگي جي فرياد تي امداد علي، سجاد ۽ 4 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل

ملير: پي ٽي آءِ اڳواڻ پنھل سولنگي جي گھر تي مبينا حملي ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقامي اڳواڻ پنھل سولنگي جي گھر تي ٿيل حملي ۽ مبينا ڌمڪين جي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي تي داخل ٿيل ايف آءِ آر موجب، پنھل سولنگي جي فرياد تي امداد علي، سجاد ۽ چار اڻڄاتل ماڻهن خلاف دهشتگردي ۽ فائرنگ سميت ٻين سنگين شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن نه صرف فون تي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، پر سولنگي جي گھر تي حملو ڪري فائرنگ پڻ ڪئي، جنهن سبب گھر ڀاتين ۾ سخت خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي۔پنھل سولنگي الزام لڳايو ته امداد ۽ سجاد وقت بوقت کيس ۽ سندس خاندان کي ڌمڪائي رهيا آهن، ۽ سندن حرڪتن سبب علائقي جو امن متاثر ٿي رهيو آهي۔هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن انصاف کي يقيني بڻائي سگهجي۔