پروگرام جي صدارت نامور دانشور راشد بلوچ ڪئي، پروفيسر وقار بلوچ شاهه لطيف جا بيت پڙهيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌي ادب جي سڃاڻپ، شاعر ۽ مترجم امر گل جي ترجمو ڪيل ناول "رابنس ڪرسو" جي مهورتي تقريب ڪونڪر لائبريري م سگا گڏاپ طرفان منعقد ٿي، جنهن ۾ ڪيترن ئي علمي، ادبي ۽ استادن جي شرڪت ڪئي هي ناول انگريزي ليکڪ ڊيفل جي تصنيف آهي، جنهن کي امر گل سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو آهي.پروگرام جي صدارت نامور دانشور راشد بلوچ ڪئي ان موقعي تي پروفيسر وقار بلوچ شاهه لطيف جا بيت پڙهيا . عابد اسحاق مهمانن جي آجيان ڪندي چيو ته امر گل جي ادبي خدمتون قابل تعريف آهن.پروگرام ۾ پروفيسر شعيب بروهي، امر گل سان پنهنجي شاگردي دور جون يادون ونڊيندي، سندس شخصيت کي فڪر، محبت ۽ ادب سان ڀرپور قرار ڏنو. پروفيسر شاهد رضا امر گل جي ترجمو ڪيل ناول رابنس ڪرسو تي تفصيل سان روشني وڌي ۽ ان کي سنڌي ادب لاءِ هڪ اهم واڌارو قرار ڏنو.پروگرام دوران پروفيسر فرمان هڪ خوبصورت گيت جهونگاريو، جڏهن ته پروفيسر محمد رمضان امر گل جي شاعري تي پنهنجا خيال ونڊيا. پروفيسر ابوبڪر ۽ نصرالله بلوچ پڻ امر گل جي ادبي خدمتن ۽ شخصيت بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.تقريب جي آخر ۾ پروفيسر ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، امر گل جي فن، فڪر ۽ ادبي لاڀن تي جامع انداز ۾ گفتگو ڪئي. آخر ۾ سگا برانچ گڏاپ پاران امر گل کي سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور شيلڊ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کيس اجرڪ جا تحفا پيش ڪندي سندس محبتن جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے