English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور بچايو تحريڪ جو چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري جي صدارت هيٺ اجلاس
191 views
|
11th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ شڪارپور جي خراب ٿيندڙ امن امان واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور بچايو تحريڪ جو هڪ اهم ۽ فيصلاڪن اجلاس چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري جي صدارت هيٺ جامعه مدينه مدرسه شڪارپور ۾ اڳوڻي چيئرمين قاري مجيب الرحمان مدني جي ميزباني ۾ منعقد ٿيو اجلاس جي ڪارروائي جنرل سيڪريٽري پروفيسر پرڪاش لعل هلائي اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي اجلاس ۾ هيٺين عهديدارن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي چيئرمين شڪارپور بچايو تحريڪ مولانا مسعود احمد قادری مولانا مشتاق احمد سھندڙو وائس چيئرمين پروفيسر پرڪاش لعل جنرل سيڪريٽري عبدالغفور دايو ادل آفيس سيڪريٽري قاري مجيب الرحمان مدني اڳوڻو چيئرمين ڏاڏو طاهر سومرو خزانچي استاد عبدالوهاب ڪاغذي اڳوڻو چيئرمين صاحبزاده حافظ فضل ﷲ نوراني پريس سيڪريٽري ۽ ٻين معزز ممبرن پڻ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ شڪارپور جي خراب ٿيندڙ امن امان واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. شرڪاءَ جو چوڻ هو ته هاڻي ته وچ شهر ۾ به ٻن برادرين جي وچ ۾ مسلسل ٻه کان ٽي ڪلاڪ سڌي فائرنگ معمول بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري شڪارپور جا شهري سخت خوف هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن،ان پسمنظر کي ڏسندي شڪارپور بچايو تحريڪ پاران متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته 17 جولاءِ 2025 (خميس) شام 6 وڳي پريس ڪلب شڪارپور ۾ هڪ امن ميڙاڪو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ شهر جي معزز شهرين ۽ سماجي حلقن کان ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي وئي ان سان گڏوگڏ تحريڪ جي اڳواڻن پاران شڪارپور جي ايم اين اي، ايم پي ايز، چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو ته جيئن شهر جو امن بحال ڪري سگهجي اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه سان به امن امان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون ان موقعي تي اڳوڻي پريس سيڪريٽري احسان احمد جيهو جي استعيفا منظور ڪئي وئي، ۽ صاحبزاده حافظ فضل ﷲ نوراني کي نئين پريس سيڪريٽري جي حيثيت سان حلف وکڻايو ويو ۽ کيس سختي سان هدايت ڪئي وئي ته هو تحريڪ جي آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي ذاتي مفادن کان بالاتر ٿي ذميداري نڀائيندو اجلاس جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن پاران صاحبزاده حافظ فضل ﷲ نوراني کي مبارڪباد ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور بچايو تحريڪ
0 تبصرے