English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ به ورلڊ پاپوليشن ڊي جي موقعي تي آگاھي سيمينار منعقد
115 views
|
11th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ورلڊ پاپوليشن ڊي جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيس عمرڪوٽ پاران هڪ آگاھي سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي صدارت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر لڇمڻ داس ۽ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر عمرڪوٽ سعيد احمد پٺاڻ ڪئي، سيمينار جو مقصد عوام ۾ وڌندڙ آبادي جي دٻاءَ، وسيلن جي کوٽ، صحت، تعليم ۽ خانداني منصوبابندي بابت شعور پيدا ڪرڻ هو، ان موقعي تي صحت، تعليم، سماجي ڀلائي، سول سوسائٽي، مقامي اين جي اوز، استادن، مذهبي اڳواڻن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته آبادي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم فيملي پلاننگ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ آبادي جي منصوبابندي لاءِ پاپوليشن کاتو قائم ڪيو ويو جنهن جو بنيادي مقصد آبادي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ واضح حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر لڇمڻ داس وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ خانداني منصوبابندي لاءِ ماڻهن کي پهريان اهو شعور ڏيڻ لازمي آهي ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ غلط آهي ۽ ان جا منفي اثر شديد هوندا آهن، خاص طور نوجوان جوڙن کي خانداني منصوبابندي بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان آبادي تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر سعيد احمد پٺاڻ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪ لاءِ آباديءَ ۾ حد کان وڌيڪ واڌارو هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي، هن چيو ته خانداني منصوبابندي ذريعي نه رڳو ماءُ ۽ ٻار جي صحت بهتر بڻائي سگهجي ٿي، پر معاشري کي به خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائي سگهجي ٿو. هن والدين، خاص ڪري نوجوان جوڙن تي زور ڏنو ته هو ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رکڻ کي يقيني بڻائين، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر پاپوليشن سليمان راهمون خطاب ڪندي چيو ته سڄي دنيا ۾ 11 جولاءِ تي ورلڊ پاپوليشن ڊي ملهايو وڃي ٿو ۽ دنيا جي سڄي منصوبابندي ملڪن جي آباديءَ جي بنياد تي ٿيندي آهي، هن چيو ته پاپوليشن کاتي جو ڪم رڳو نسبندي تائين محدود ناهي پر آبادي تي ڪنٽرول حاصل ڪري ملڪ جي مجموعي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري سگهجي ٿو، هن سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي اپيل ڪئي ته معاشري ۾ آبادي جي منصوبابنديءَ ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪن، ان موقعي تي سماجي تنظيم HANDS جي ميڊم ناريب، سماجي اڳواڻ محمد بخش ڪنڀر ۽ ٻين مقررن چيو ته تعليم، شعور ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي سان ئي آباديءَ ۾ متوازن واڌارو ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، سيمينار جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن اهو عهد ڪيو ته هو خانداني منصوبابندي ۽ پائيدار ترقيءَ جو پيغام پنهنجن علائقن ۾ عام ڪندا، ان موقعي تي پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي پنهنجي ميدان ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيس جي ڊاڪٽر پوجا، اڪائونٽنٽ اڪرام راجپوت ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ورلڊ پاپوليشن ڊي
0 تبصرے