نوشهروفيروز ۾ ناري جو امڙ ۽ ڀاءُ سان گڏ احتجاج، مڙس ۽ سهري تي سنگين الزام

نوشهروفيروز ۾ ناري جو امڙ ۽ ڀاءُ سان گڏ احتجاج، مڙس ۽ سهري تي سنگين الزام

نوشھرو فيروز (ڊ ر) نوشھرو فيروز رابيه سينٽر جي رھواسڻ خوشبو شيخ سندس پيرسن مان زرينا ۽ سنڌ ڀاء وسيم شيخ سان گڏ ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي شادي 4 مھينا اڳ مورو ۾ علي رضا ڪلھوڙو سان ٿئي ھئي ڪجھ ٽائم گزرڻ بعد منھنجي مڙس علي رضا ڪلھوڙو ۽ سھري ممتاز ڪلھوڙو جيڪي خليفه محلا مورو جا رھواسي آھن جن مونکي غلط ڪم ڪرڻ جو چيو مون غلط ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته منھنجي مٿان وقت به وقت تشدت ڪندا رھيا ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيندي چيو ته جيڪڏھن تو اسان جي خلاف زبان کولي آھي ته توکي ۽ تنھنجي گھر ڀاتين کي مارينداسين منھنجو ڀاء نديم ۽ ڀيڻ سميران مورو ۾ رھندا آھن انھن کي به موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اسين اپيل ٿا ڪيون آء جي سنڌ ڊي سيشن جج نوشھرو فيروز ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان ته مٿين ماڻھن مان اسان کي جان جو خطرو آھي انھن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي جيڪڏھن اسان کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا زميوار مٿيان ماڻھو ھوندا