ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، 21 منشيات فروش گرفتار

ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، 21 منشيات فروش گرفتار

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽو پوليس منشيات خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪري 21 شڪي ماڻھو گرفتار ڪري ورتا ، جن ۾ 19 گٽڪا وڪرو ڪندڙ ۽ 2 منشيات وڪرو ڪندڙ شامل آهن، گرفتار ڪيل ڏوھارين خلاف منشيات ايڪٿ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، گٽڪي جا 6075 پيڪٽ ھٿ ڪيا ويا جڏھن تہ 250 گرام چرس پڻ هٿ ڪيو ويو، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي حڪم جي روشني ۾، ٺٽو پوليس منشيات، ڏوهاري عنصرن، عادي ڏوهارين، گٽڪو ۽ مين پڙي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکندي ايس ايس پي ٺٽو ٺٽو، مڪلي، گھوڙاٻاري، ڪيٽي بندر، ساڪرو، ڌاٻيجي ۽ سي آءِ اي پوليس جي حڪم تي مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪري 19 گٽڪا فروش غلام قادر ولد حمير سمون، وسيم ولد الياس ڪنڀار، مهيش ولد کيمچند لوهاڻو، چنيسر ولد محمد عرس ہروهي، شھباز ولد ولد فياض جوکيو. سڪندر علي ولد خميسو پريچو، منظور علي ولد جمعون جلباڻي، فريد شاهه ولد انور علي شاهه، سعيد الحق ولد عبدالحق پٺاڻ، عبدالرحمان ولد محمد جمعون ميمڻ، عبدالله عرف شوڪت ولد ابراهيم ڪنڀار، نياز ولد قاسم سميجو، محمد حنيف ولد قاسم سميجو، محمد حنيف ولد الله ڏنو ميمڻ، زاھد علي عرف پي ڪي ولد عبداللطيف خاصخيلي، رحيم داد ولد جمن ڀٽي، عبدالغني ولد محمد جعفر تنيو، صالح محمد پٽ موسو ڪيٽائي، عبداللطيف ولد مٺو بلوچ، منٺار ولد عمر ٻٻر ۽ 2 منشيات فروش مهر علي ولد شير محمد مورجهريو، رضا علي ولد آدم خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان گٽڪي جا 6075 پيڪٽ ۽ 250 گرام چرس هٿ ڪئي وئي. جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندي لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن ۾ گٽڪا ايڪٽ ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.