سجاول (رپورٽر ) عشق، انقلاب، مزاح ۽ مزاحمت جو شاعر سانگي سجاولي جي 18ورسي سادگي سان ملھائي وئي، سنڌ جي اندر جڏهن به عوامي انقلابي ۽ قومي شاعري جي تاريخ لکي ويندي آهي تڏهن سجاول جي سرزمين جو ذڪر يقينن سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو جتي سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، ارشاد ساگر، مريم مجيدي، سورج سجاولي، محمد ٻارڻ، عبد سنڌي ۽ اياز امر شيخ جهڙن عوامي انقلابي شاعرن جنم ورتو جتي مارچ 1958 ۾ سنڌ جي قومي، عوامي ۽ انقلابي شاعر سرويچ سجاولي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو سدا ملوڪ ۽ ڪُل وقتي شاعر سانگي سجاولي به انهن مان هڪ ھو هن پنهنجي والد شاعر سرويچ سجاولي جي سڃاڻپ کان ڌار ٿي پنهنجي وجود ۽ ڏات کي پاڻمرداو مڃايو هن حبيب الله سرويچ بجائي حبيب الله سانگي سجاولي بنجي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ پيدا ڪئي حبيب الله سانگي سجاولي نه صرف قلم ذريعي جهدوجهد ڪئي پر عملي ميدان ۾ پڻ قيد ۽ بند جون سوبتون سهندي عوامي ۽ انقلابي شاعر طور پاڻ مڃايو سانگي سجاولي هڪ ئي وقت عشق انقلاب مزاح ۽ مزاحمت جو شاعر هو سندس مزاحيه شاعري ٻڌڻ بعد کل روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ نه ھوندي هئي ۽ سندس اليڪشني شاعري ماڻهن جي ڪنن مان دونهن ڪڍي ڇڏيندي هئي قدرت کيس شاعري جي اها ڏات ڏني هئي جيڪا ورلي ڪن ماڻهن کي نصيب ٿيندي هجي هو هڪ حاضر دماغ ۽ ڪُل وقتي شاعر هو جيڪو شاعري ڪرڻ لاءِ موڊ موسمن يا حالتن جو محتاج نه هو بس پين پنو کڻي ويٺو ۽ ڪنهن به وقت ڪنهن به موضوع تي چند منٽن ۾ زبردست شعر جوڙي وٺندو هو جنهن ڪري ادبي حلقن کيس سنڌ جو تيز ترين شاعر قرار ڏنو هو سندس پهريون انقلابي مجموعو” ڌرتي لڳن ڌاڙا ” ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آھي سندس ڪافي سارو مواد پڻ اڻ ڇپيل آهن جنھن ۾ اليڪشني شاعري جي حوالي سان پڻ وڏي تعداد ۾ مواد موجود آھي پاڻ ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ سبب 23مئي 2007 تي 48 سالن جي مختصر ڄمار ۾ مالڪ حقيقي سان وڃي مليو جنهن جي گذريل ڏينهن 18ھين ورسي جي مناسبت سان اسماعيل سرويچ، نجيب سرويچ، بشير سرويچ ساگر سليم کوسو صديق آرائين ۽ ٻين صحافي دوستن سميت اديبن شاعرن سندس آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي ۽ سرويچ نگر ۾ قرآن خواني جو اھتمام پڻ ڪيو ويو.
0 تبصرے