English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو قبول ناهي، ڪمپنين حوالي ڪيل زمينون واپس ڪرايون وڃن: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
131 views
|
29th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ جسقم بشير قريشي پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف ريلي ۽ ڌرڻو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي زرخيز زمينن کي سرمائيدارن حوالي ڪرڻ ۽ درياءِ سنڌ مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ خلاف عمرڪوٽ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي اڳواڻي ۾ هڪ شاندار احتجاجي ريلي ۽ تاريخي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، سرفراز ميمڻ، جميل ڌونڪائي ۽ ٻين ڪئي، جن سان گڏ سياسي، ادبي، قانوني ۽ عوامي حلقن جا نمائندا وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، ريلي بس اسٽاپ عمرڪوٽ تان رواني ٿي، جيڪا تھر بازار، پريس ڪلب عمرڪوٽ وٽان گذري ڊپٽي ڪمشنر آفيس تي پهتي، جتي مظاهرو ڪندڙن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ۽ جوشيلي نعريبازي ڪئي، مظاهرين سنڌ حڪومت جي انهيءَ فيصلي جي سخت مذمت ڪئي، جنهن تحت عمرڪوٽ جي ٻن لک ايڪڙ زرعي زمين ڪمپنين حوالي ڪئي پئي وڃي، مظاهرين جو چوڻ هو ته اهي زمينون صدين کان سنڌي آبادگارن جي ملڪيت رهيون آهن، ۽ انهن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو تہ درياءِ سنڌ جو پاڻي صرف سنڌ جي ماڻهن جو آهي، اهي ڇھ ڪئنال مقامي آبادگارن جي پاڻي تي ڌاڙي جي سازش آهن، سنڌ جي زمين ۽ پاڻي تي قبضو، خود سنڌ جي سڃاڻپ تي حملو آهي، هن وڌيڪَ چيو ته سنڌ جا ماڻهون پنهنجي زمينن، وسيلن ۽ روزگار تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندا، ۽ جيڪڏهن حڪومت پنهنجي روش نه بدلي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تحريڪ هلائي ويندي، ان موقعي تي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪندي چيو ته ڇھ ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو خشڪ ساليءَ کان متاثر علائقن لاءِ موت جو سڏ آهي، زمين، پاڻي ۽ روزگار تي قبضو قبول نه ڪيو ويندو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته عمرڪوٽ جي ٻه لک ايڪڙ زمين مقامي آبادگارن حوالي ڪئي وڃي، ڇھ ڪئنال وارو منصوبو فوري طور ختم ڪيو وڃي، سنڌ جا آبي وسيلا رڳو سنڌ جي آبادگارن لاءِ مخصوص ڪيا وڃن، مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت ھوش جا ناخن نہ ورتا تہ هيءَ تحريڪ عمرڪوٽ تائين محدود نه رهندي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
عمرڪوٽ
جسقم بشير قريشي
0 تبصرے