گرين لائن بي آر ٽي جي رائيڊرشپ روزانو ڏيڍ لک مسافرن تائين پھچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاق کان سنڌ سرڪار کي گرين لائن بي آر ٽي جي منتقلي کان پوءِ اُن جي روزاني سواري ۾ نمايان واڌ آئي آھي ۽ گرين لائن جي رائيڊرشپ گذريل 4 مھينن دوران 52 ھزار کان وڌي 72 ھزار تائين پھچي وئي آھي. اُن حوالي سان سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ جو 15ھون اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گرين لائن بي آر ٽي جي رائيڊرشپ کي روزانو ڏيڍ لک مسافرن تائين پھچائڻ لاءِ جامع قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سکر جي ميئر ارسلام اسلام شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ايم ڊي ايس ايم ٽي اي اداري جي ڪارڪردگي ۽ شھري ٽرانسپورٽ جي جاري رٿائن بابت بريفنگ ڏني، جڏھن تھ ايس ايم ٽي اي بورڊ سال 2025-26 جي سالياني ترقياتي پروگرام جي پورٽ فوليو جي توثيق ڪندي اُنھن رٿائن جي فوري تڪميل جا حڪم جاري ڪيا، بورڊ گرين ۽ اورنج لائن بس منصوبن جي پراپرٽي مينيجمينٽ جي لاءِ نان فيئر روينيو فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي منظوري بھ ڏني. اُن موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ وفاق کان گرين لائن لائن جي حوالگي بعد سنڌ سرڪر ار اُن کي اثرائتي انداز ۾ ھلائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا آھن، جن جو ھاڪاري نتيجو رائيڊرشپ ۾ لڳاتار واڌ جي صورت ۾ سامھون آيو آھي. ھن چيو تھ گرين لائن ۽ اورنج لائن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان عوام کي سھولت ملي آھي ۽ اُن جي روزمرھ جي سفر ۾ نمايان بھتري آئي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار نان فيئر روينيو ماڊلز کي ڪتب آڻي اُنھن منصوبن کي مالي طور تي پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ سڌ سرڪار شھرين کي جديد، معياري ۽ ماحول دوست سفري سھولتن جي فراھمي لاءِ پرعزم آھي، ۽ شھري ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي جي لاءِ سنجيدھ ۽ عملي قدم جاري رکندي.
0 تبصرے