ملير: تعليم کاتي جي سينئر آفيسر عبدالجبار ککراڻي (ابڙو) کي 18هين مان 19هين گريڊ ۾ ترقي، کيس مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري

ملير: تعليم کاتي جي سينئر آفيسر عبدالجبار ککراڻي  (ابڙو) کي 18هين مان 19هين  گريڊ ۾ ترقي، کيس مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري

ملير (ڊي ڪي شر) سنڌ حڪومت پارن تعليم کاتي جي سينئر آفيسر عبدالجبار ککراڻي (ابڙو) کي 18 گريڊ مان 19 گريڊ م ترقي نو ٽيفڪيشن جاري ترقي ملڻ تي سنڌ جي نالي واري اديب دانشور پروفيسر آغا شير گل سرڪي ماھر تعليم عبدالڪريم سومرو ڊائريڪٽرانفارميشن فداحسين شيخ ريڊيو پاڪستان جي انائونسر علي نواز سومرو شھاب الدين بابو جوکيو آغاسيف الله گل لک لک مبارڪون۔ڏيندي سنڌ جي روايت اجرڪ لونگي پھرائيون ۽ منھن مٺو ڪرايوويو عبدالڪريم سومرو ۽ گل برادس پاران پڻ مبارڪون ڏنيونان موقعي تي سنڌ جي نالي واري اديب دانشور پروفيسر آغا شير گل ڳالھائيندي چيو اڄ گلشن حديد ۾ انتهائي خوشي ٿي آهي۔ڀائرن جهڙي پياري دوست عبدالجبار ککراڻي ابڙو کي 19 گريڊ ۾ ترقي ملڻ تي کيس المهراڻ پکوان سينٽر تي لونگيون پارائي مبارڪون ڏنيسون۔ هن شخص جو مونسان بي لوث پيار آهي۔ڪاله کان جيئن ئي کيس پروموشن جي خوشخبري ملي آهي۔ ھن چيو۔اسان تو وٽ آيو آهين۔چيائين ته آئون توهان کي پيرن پوڻ ۽ دعائون وٺڻ لاء آيو آهيان۔جيئن مون کيس ڀاڪر پاتو ته اکين مان لڙڪ وهڻ شروع ٿي ويا۔اکين مان پاڻي انڪري وهيو جو سندس اندر جو انسان جاڳي پيو۔ته جيڪو شخص مون تي سدائين مهربان رهيو آهي۔مون جي مٿان شفقت جو هٿ رکيو آهي۔وڏي ڀاء جي مثل آهي۔خوشي مان ان جي اڳيان پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيو۔مان به ان کي ٻيهر ڀاڪر پائي ان جا لڙڪ اگهيا۔انسان تي ڏکيا سکيا ڏينهن ايندا رهندا آهن۔ ڏکين ڏينهن ۾ ساٿ ڏيڻ وارن کي ۽ تڪليف ڏيڻ وارن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي۔