ڊي سي وزيرن جي چوڻ تي ڪيئن زمينون لکي ڏئي ٿو؟ هي ڪهڙو انصاف آهي؟ هي غيرقانوني عمل سنڌ جي عوام سان سڌي وڙھ آهي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ، قانوندان ۽ جاکوڙي سياسي شخصيت اياز لطيف پليجو عمرڪوٽ ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ سرڪار، بيوروڪريسي ۽ خاص طور تي ڊپٽي ڪمشنر جي ڌانڌلين، ناجائز قدمن ۽ زمينن جي بندر بانٽ خلاف سخت لب ولهجو اختيار ڪيو، اياز لطيف پليجو پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جي ڪهڙي اوقات؟ ٽڪي جو ملازم آهي، سرڪاري پگهار تي ويٺو آهي، عوام جو نوڪر آهي، وزيرن جي چوڻ تي ڪيئن زمينون لکي ڏئي ٿو؟ هي ڪهڙو انصاف آهي؟ هي غيرقانوني عمل سنڌ جي عوام سان سڌي وڙھ آهي، هن چيو ته سنڌ جون زمينون سنڌ واسين جي ملڪيت آهن، انهن تي ڪنهن وزير، مشير، يا بيوروڪريٽ جي نٿي هلي سگهي، جيڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي آئيني حدن کان ٻاهر نڪري زمينن جي بندر بانٽ ڪندو ته ان کي قانوني، سياسي ۽ عوامي سطح تي سخت جواب ڏنو ويندو پادر کائيندو، اياز لطيف پليجو چيو ته اسان ڊي سي نه پر ان جي پويان ويٺل اصل ڌاڙيلن سان به حساب برابر ڪنداسين، جيڪي سنڌ جي ڌرتي کي پنهنجي جاگير سمجهي قابض ٿي ويٺا آهن، هن حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضن، پاڻي جي چوري، تعليم، صحت ۽ روزگار جي تباهي خلاف قومي عوامي تحريڪ، ھي سنڌ، ھي سنڌ جي عوام خاموش نه ويهندي، هاڻي سنڌ جو ماڻهون جاڳي پيو آهي، جعلي حڪمرانن کي ڀڄائي سندن اصلي چهرو وائکو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
0 تبصرے