سجاول ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي تڪراري ڪئنالن خلاف ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، دولهه درياءَ خان پل تي ڌرڻو

سجاول ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي تڪراري ڪئنالن خلاف ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، دولهه درياءَ خان پل تي ڌرڻو

سجاول (گلشيرميربحر ) سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ نوان ڪينال سمورا نامنظو، سڄي سنڌ جيان سجاول ۾ به جمعيت علماءَ اسلام ضلعي سجاول پاران دولھ درياءَ خان پل تي شاميانو هڻي ڌرڻو هنيو ويو، دولھ درياءَ پل تي ھنيل ڌرڻي ۾ مولانا صالح الحداد مولانا، عبدالوھاب بلوچ، مولانا سليم عاطف چانڊيو، حافظ فضل الله فياض، مولانا احمد سومرو، مولانا فتح محمد مھري، مولانا اسماعيل ميمڻ، مولانا ارشد ميمڻ، مولوي غلام حسين ميمڻ، مولوي اشرف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڌرڻي کي جي يو آئي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي مٿان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ سان سنڌ جون زمينون بنجربنجي وينديون، انسان توڙي جانور اڃ وگهي مري ويندا، وفاقي حڪومت سنڌ مٿان 6 غيرقانوني ڪينال ٺاهي سنڌ جي عوام سان وڏو ظلم ڪيو آهي جيڪي اسان برداشت نه ڪنداسين جي يو آئي سنڌ مولانا راشد محمود سومرو جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ ڪينالن خلاف مظاهرا ڪيا پيا وڃن. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هوته پوري ملڪ جا يو آئي ڪارڪن پنجاب بارڊر تي ڌرڻو هڻي ڪينال سمورا نامنظور جا نعرا هڻي وفاقي حڪمرانن کي ثابت ڪري ڏيکارينداسين ته سنڌو درياءَ سنڌ جي عوام جي جياپي جو ذريعو آهي اسان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي ردٿا ڪريون.