بلوچستان ۽ سنڌ جي احتجاجي تحريڪ ڪا سياسي نه پر ظلم جبر ڏاڍ ۽ بربريت جو رد عمل آهي ۽ ان تحريڪ کي معمولي نه سمجهيو وڃي
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي يو آء جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايم اين اي مولانا عبدالغفور حيدري شڪارپور جي مقامي مدرسي تاج العلوم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني تي افسوس آهي، رياست عوام جي ٽيڪس تي ھلي پئي ته امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ به رياست جي ئي ذميواري آهي، شڪارپور سميت اتر سنڌ جي ضلعن ۾ رياست عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي وئي آهي, رياست کي گهرجي ته امن و امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي, هن چيو ته بلوچستان۽ سنڌ جي احتجاجي تحريڪ ڪا سياسي نه پر ظلم جبر ڏاڍ ۽ بربريت جو رد عمل آهي ۽ ان احتجاجي تحريڪ کي معمولي نه سمجهي, هن چيوته سنڌ جي عوام سان پاڻيء واري مسئلي تي ڪابه زيادتي برداشت نه ڪبي پهريان به ايوان ۾ اندر ۽ ٻاهر سنڌ سميت پوري ملڪ جي عوام جي بنيادي حقن لاء جي يو آء پاڻ پتوڙيو آهي ۽ آئنده به پتوڙيندي رهندي,ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ضلعي امير مولانا عبدﷲ مھر تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو عالمن، مڪمل تحفظ فراهم ڪري، ان موقعي تي جي يو آء جو ضلعي امير مولانا عبدﷲ مهر, ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد طيب ميکو، حافظ رفيق احمد شر،محمد منيف بروھي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.
0 تبصرے