ٺٽو(ڊر)ضلعي ٺٽي ۾ غلام اللّٰہ ويجهو پير جو ڳوٺ ۾ ڏاتار سيوا سماج گولڊن گروپ ۽ ڏاتار ويلفيئر فائونڊيشن پاران هيومن سپورٽرز ايسوسيئيشن جي سهڪار سان 52 جوڙن جون اجتماعي شاديون منعقد ڪيون ويون. هي تقريب شهنشاهه اولياء سخي جميل شاهه داتار گرناري جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي گھوڙاٻاري ويجھو جميل شاہ ڏاتار گرناري جي چلي گاهه تي ڪوٺائي وئي. جتي ڪنوارن کي ڏيج جو سامان پڻ ڏنو ويو.تقريب ۾ وڏي انگ ۾ گھوٽن ۽ ڪنوارن جي مٽن مائٽن ۽ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. جڏهن ته انتظامن سنڀاليندڙن ۾ سماجي اڳواڻ مجاهد واريو، محمد مناف ميمڻ ڏاتاري، گادي نشين ديدار شيخ سميت ٻين حصو ورتو. جتي مقررين خطاب ڪندي ان کي وڏو سماجي ڀلائيءَ جوئقدم قرار ڏنو ۽ چيو ته سوين غريب خاندانن جي نياڻين جون شاديون ڪرائڻ سان گڏ مسلمان خاندانن جي ٻارن جا طهر پڻ ڪرايا ويا آهن ۽ هي سلسلو اڳتي به جاري رهندو.ان موقعي تي مناف ڏاتاري، سنيل سنگانيا، انيل سنگانيا، گادي نشين سڪندر علي شيخ، ديدار علي شيخ، شاهه خالد شاهه ڏاتاري، محمد حسن خليفو، حافظ اقبال ميمڻ ۽ ٻيا به موجود هئا.تقريب جي پڄاڻي مولوي محمد يامين جماري جي دعا سان ڪئي وئي. مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ پڻ پيش ڪئي وئي.
0 تبصرے