ڪراچي: جسقم (آريسر ) جي سکر کان ڪراچي تائين نڪتل لانگ مارچ ۾ اتحادي پارٽين، مختلف تنظيمن ، سنڌي ادبي سنگت ، سول سوسائٽي جي نمائندن ، نياڻين ، ٻارڙن سميت نوجوانن جو وڏو انگ شامل ھو، لانگ مارچ ۾ شرلنت ڪندڙ جو وک وک تي شاندار استقبال ڪيو ويو، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پيش ڪرڻ سان گڏ قدم قدم تي گلن جي ورکا ڪئي وئي.قومپرستي جي جذبي سان سرشار ڪارڪنن ڀاڪر پائي مٺيون ڏنيون .
0 تبصرے