ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئ
ڪشمور:سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم (جيئي سنڌ قومي محاذ) جي سڏ تي سنڌ-پنجاب جي دنگ ڊيرا موڙ وٽ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
ڌرڻي جي اڳواڻي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪري رهيو هو، جتي ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ٺل، اوٻاوڙو، ڏهرڪي سميت ٻين شهرن مان جسقم جي ڪارڪنن قافلن جي صورت ۾ شرڪت ڪئي. . مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا، جن تي ڪئنالن خلاف نعرا لکيل هئا.
ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ناياب سرڪش ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪئنالن جي اڏاوت سان سنڌ جا ماهيگير بيروزگار ٿي ويندا، جيڪو سندن معاشي قتل عام برابر آهي. هنن چيو ته سنڌ جي عوام اڳ ئي انهن ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پر حڪمران زبردستي ڪئنال ٺهرائڻ تي بضد آهن.
جسقم اڳواڻن واضح ڪيو ته سنڌ جي قومي حقن تي ڪنهن به قسم جو سودو قبول نه ڪيو ويندو هر فورم تي انهي فيصلي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين. ڌرڻي دوران قومي پارٽين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي.
0 تبصرے