سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ سنڌ جو معاشي قتل عام آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ جي عوام جو احتجاج رڪجڻ وارو ناهي ۽ اڄ 24 فيبروري تي حيدرآباد ۾ هڪ تاريخي احتجاج ڪيو ويندو

سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ سنڌ جو معاشي قتل عام آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس دوران سنڌ جي قدرتي وسيلن ۽ زمينن بابت شديد تحفظات جو اظهار ڪيو، قادر مگسي چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ سنڌ جو معاشي قتل عام آهي ۽ هي عمل سنڌ جي عوام جي مفادن جي خلاف آهي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپني کي سنڌ جون زمينون ڏيڻ سراسر غلط عمل آهي، قادر مگسي هن ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ جون زمينون قديمي ويٺل ماڻهن جو ورثو آهن ۽ انهن کي ٻاهرين طاقتن کي ڏيڻ سنڌ جي عوام جي حقن خلاف آهي، قادر مگسي گرين پاڪستان ڪمپني بابت سخت لفظن ۾ چيو ته عمرڪوٽ جي ٻه لک ايڪڙ زمين کي هن ڪمپني کي ڏيڻ هڪ سنگين غلطي آهي ۽ سنڌ جي 20 لک ايڪڙ زمين پڻ اهڙي طرح ورهائجي رھي آهي، جنهن جي حفاظت وردي وارا ڪندا، هي سراسر غنڊه گردي آهي، هن چيو ته سنڌ جي عوام کي انهن جا مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، ڇو ته زمينون انهن جي آبا و اجداد جون آهن ۽ انهن جو ان تي حق آهي، قادر مگسي اعلان ڪيو ته سنڌ جي عوام جو احتجاج رڪجڻ وارو ناهي ۽ اڄ 24 فيبروري تي حيدرآباد ۾ هڪ تاريخي احتجاج ڪيو ويندو، اسان عمرڪوٽ ۽ پوري سنڌ جي عوام کان اپيل ٿا ڪريون ته هو اسان سان گڏ شامل ٿين ۽ ڪنهن صورت ۾ سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون گرين پاڪستان ڪمپني کي ڏيڻ جي ڪوششن کي مسترد ڪن، اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي موقف تي سوال اٿاريندي قادر مگسي چيو ته اڄ تائين عمران خان طرفان سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ جي خلاف ڪو موقف سامهون نه آيو، جنهن سان اهو تاثر ملي ٿو ته هو هن معاملي ۾ خاموش آهن، آخر ۾ قادر مگسي پيپلزپارٽي تي به سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته پيپلزپارٽي ئي سنڌ جو سودو ڪري رهي آهي، هي عوامي پارٽي ناهي، پر عوام جي دشمن پارٽي آهي.