مقصود جويو جي سرواڻي ھيٺ سنڌي سنگت پاران ابراھيم جويو جي 11ھين سالگرھھ ملھائي وئي
نيو ڪيسل (م ڊ) آسٽريليا نيو سائوٿ ويلز جي نيو ڪيسل شهر ۾ مقصود جويو جي سرواڻي ھيٺ سنڌي سنگت طرفان ابراهيم جويو جي هڪ سئو يارهين سالگره ملهائي وئي جنهن ۾ شريڪ دوستن ابراھيم جويو کي ڀيٽا پيش ڪري سندس ساروڻين کي هڪٻئي سان ونڊيو. سالگرھھ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ ھو تھ اسان جو نسل خوشنصيب آهي جو سنڌ جي ان عظيم استاد کي ڏٺو ۽ ان جي وقت ۾ رهيو، جويو صاحب سنڌ جو پابند، ذميوار فڪري استاد هو جنهن سنڌ جي ٽن نسلن جي پنهنجي زندگي ۾ فڪري آبياري ڪئي ۽ موڪلائڻ کانپوءِ به سندس علمي فڪري ڪم ايندڙ نسلن لاءِ اتساھ ۽ رهنما بڻبو، ابراھيم جويو سنڌ جو سماجي سياسي سائنس، لبرلزم، روشن خيالي، سوشل ڊيموڪريسي، قومپرستي جو هڪ نشانبر نالو آهي، هن کي اسان حيدرآباد جي گلين گهٽين ۾ ٻڌو، پروگرامن ۾ ٻڌو نجي ڪچهرين ۾ ٻڌو هو سراپا سنڌ هو۽ لطيف جي هن سٽ جي عملي شڪل هو، سائين جوئي صاحب جو فهم ۽ ادراڪ ورهاڱي جي نالي ۾ ٿيل سنڌ سان ويساگهاتي کي جلدي پرکي ويو ۽ هن سنڌ جي سلامتي کي برصغير جي سلامتي سمجهندي پنهنجي ڪتابچي Save Sindh Save Continent لکي سنڌين کي خبردار ڪيو، اسان جي شروعاتي سياسي تعليم جي نصاب ۾ جوئي صاحب جا ڪتاب لازمي مضمون طور شامل رهيا. هن پنهنجي پوري ڄمار سنڌ کي روشن خيالي ، سياسي لٽريچر ڪتابن، رسالن ترجمن جي شڪل ۾ ڏئي پاڻ ملهايو، شل سنڌ جي نصيب ۾ اهڙا استاد سدائين هجن. پروگرام ۾، ڊاڪٽر اشرف جعفراڻي، ڊاڪٽر هوتومل، سعيد لاشاري، سجاد ميمڻ، مظفر راڄپر، دوست لاکي، ڊاڪٽر گريش ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي
0 تبصرے