نوشهروفيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم پاران ستن ڏينهن واري پوليو مهم جو افتتاح

مورو ۾ ماحولياتي نمونا مثبت اچڻ بعد اسان جي ذميواري وڌي وئي آهي: ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم

نوشهروفيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم پاران ستن ڏينهن واري پوليو مهم جو افتتاح

نوشهروفيروز (ڊ ر ) ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم تعلقي اسپتال مورو ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ ڦڙا پياري ضلعي ۾ ست ڏينهن واري قومي انسداد پوليو مهم جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشي کان علاوه ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پڻ موجود هو. ڊپٽي ڪمشنر مورو اسپتال ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ريلي جي اڳواڻي پڻ ڪئي. ان موقعي تي هن پوليو ورڪرز کي مختصر خطاب ڪيو. هن چيو ته نوشهروفيروز ضلعي جي شهر مورو ۾ ماحولياتي نمونا مثبت اچڻ بعد اسان جي ذميواري وڌي وئي آهي. هن سموري ٽيم کي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ان موقعي تي والدين کي اپيل ڪئي ته هو 3 فيبروري کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران گهر گهر ايندڙ پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪن ۽ پوليو جي خاتمي ۾ حڪومت ۽ صحت کاتي جي مدد ڪن. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ مورو شهر ۾ حددخلين جي خاتمي کانپوءِ ميونسپل ڪميٽي مورو ۾ خوبصورتي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشي، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي مورو نذير احمد ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته شهر جي خوبصورتي جو ڪم جلد شروع ڪيو وڃي، شهر جي سمورن روڊن تي ٻوٽا لڳايا وڃن ۽ ٻيا ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم چيئرمين ميونسپل ڪميٽي مورو سان گڏ شهر جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي روانگي جو جائزو ورتو.