English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
هي رڳو 3 انسانن جا لاش ناھن بلڪہ ۾ ھڪڙو جنازو قانون جو، ٻيو انصاف جو ۽ ٽيون انسانيت جو جنازو پيل آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
29th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي جي چوٽياريون واقعي ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ جي مذمت
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سانگھڙ ۾ 3 ماڻھن جي قتل واقعي ۽ 4 ڏينھن کان مسلسل عورتن ۽ ڳوٺاڻن جي ڌرڻي باوجود ڪيس داخل نہ ڪرڻ جي مذمت ڪندي واقعي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آهي حڪومتي وزيرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، سردارن ۽ وڏيرن کي سندن ضلعا ۽ تعلقا ورھائي رياستون بنائي ڏنا ويا آھن. مرضي ۽ پسند جا ايس ايس پيز، ڊي سيز، اي سيز، مختيارڪار ۽ ٻيا آفيسر مقرر ٿيل آھن، جيڪي قانون ۽ آئين تي عمل بدران حڪومتي وزيرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، سردارن، وڏيرن جي چوڻ تي ڪم ڪن ٿا. سانگھڙ سانحي جا 3 لاش روڊ تي پيل آھن پر حڪومت ڪٿي بہ نظر نٿي اچي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سانگھڙ جي روڊ تي رڳو 3 انسانن جا لاش پيل ناھن بلڪہ ۾ ھڪڙو جنازو قانون جو، ٻيو جنازو انصاف جو پيل آھي، ٽيون جنازو انسانيت جو پيل آھي، چوٿون جنازو پ پ حڪومت جو پيل آھي، جن تي مسڪين مائرون، ڀينرون، معصوم ٻار ۽ شھري بي يارو مددگار ٿي روئي رھيا آھن پر انھن جي ڪير ٻڌڻ وارو ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ واحد سنڌ پوليس آھي جيڪا ڪوڙيون ايف آئي آرز ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي آھي پر سانگهڙ ۾ وڏيرڪي سوچ جي ايڏي وڏي دھشتگردي ۽ درندگي باوجود ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪميشن ڪري جيڪي ماڻھو ايس ايس پي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ اوز ٿيڻ ٿيڻ کانپوءِ پنھنجو آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪرڻ بدران وزيرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، سردارن ۽ وڏيرن جو ڪمدار رھڻ پسند ڪن ٿا، مظلوم ماڻھن لاءِ انھن وٽ انصاف ناھي، انھن کي نوڪري ڇڏي پنھنجي پسند جو ڪم ڪمداري ڪرڻ گھرجي، اھي ايس ايس پي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ اوز جھڙي شعبي جي لائق ناھن بلڪہ داغ آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سانگھڙ واقعي جي ايف آئي آر ۾ رڪاوٽ بنجندڙ ايس ايس پي سميت سمورن آفيسرن فوري طور نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي ۽ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سانگهڙ واقعو لاقانونیت ۽ پيپلزپارٽي جي عوام دشمني جو بدترين مثال آهي. واقعي جو ڪيس وارثن جي مرضي مطابق داخل ڪري ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ مظلوم ماڻھن سان گڏ آھي. شھيد ڳوٺاڻن جي انصاف لاءِ ڀرپور سياسي ۽ قانوني مدد ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Apr 2025
•
تازہ ترین
رانا ثناءاللہ کا شرجیل انعام میمن سے ایک بار پھر ٹیلیفونک رابطہ، پانی کے مسئلہ پر مشاورت کے عمل کو آگے بڑھانے پر اتفاق
21st Apr 2025
•
تازہ ترین
حکومت کو 72 گھنٹوں کا وقت دیا ہے، کمون شہید خان، کراچی اور کشمور میں دھرنے دئیے جائیں گے؛ عامر نواز وڑائچ
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھ میں متنازع نہر منصوبے کے خلاف احتجاج میں نمایاں شدت
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھو دریاء پر نئے کینالوں کے خلاف جے یو آئی کا بڑا اعلان، سندھ پنجاب بارڈر بلاک کريگے
21st Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڄامشورو: لابارو ڪري موٽندڙ ڪولهي برادري جي مزدا ڪلٽي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا ٿڏي تي فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي
21st Apr 2025
•
سنڌي خبرون
خانپور مهر ويجهو هٿياربندن جو گهر تي حملو، ٻن عورتن سميت 4 گهرڀاتي قتل
21st Apr 2025
•
تازہ ترین
رانا ثناءاللہ کا شرجیل انعام میمن سے ایک بار پھر ٹیلیفونک رابطہ، پانی کے مسئلہ پر مشاورت کے عمل کو آگے بڑھانے پر اتفاق
21st Apr 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جو ڀٽ شاهه مان نڪتل پيادل مارچ ستن ڏينهن بعد حيدرآباد پهتو جتي شاندار جلسو ٿيو، تڪرار ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو مطالبو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے