English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سڳيون ڀرسان ساهرن پاران نوجوان ناري کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج
views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سڳيون (رپورٽر) سڳيون ڀرسان سمي لڳ ٻ ڏينهن اڳ 22ورهين جي نوجوان ناري پيروزا ڪوري کي ساهرن طرفان تشدد ڪري مٿس پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي مارڻ واري ڪوشش واقعي کي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود سوڀوديرو پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف متاثر نوجوان ناري جي وارثن جو ڳوٺ نبي بخش ڪوري ۾ عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن جو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو سخت ناري بازي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن، سعيد ڪوري، مجيب ڪوري ،رجب ڪوري، ساجد ڪوري ،نجان ڪوري ،زاهدان ڪوري ،خديجا ڪوري ،ماروي ڪوري ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جون ٻه نياڻيون، پيروزا ۽ زاهدان ڪوري ڀٽي برادري جي ٻن ڀائرن عابد ڀٽي، غلام مصطفي ڀٽي کي ڏنل آهن، ٻه ڏينهن اڳ پيروزا ڪوري تي سس وزيران سهري مراد ڀٽي، ڏير سرور ڀٽي، گلشن ڀٽي ۽ نڻان بانو ڀٽي بدترين تشدد ڪري مٿس پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا گمس اسپتال گمبٽ جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل آهي جتي ڏاڪٽرن پاران چيو ويو آهي ته ناري جي بچڻ جا چانس تمام گهٽ آهن، پر افسوس جو ايڏي وڏي واقعي تي به ايس ايڇ او سوڀوديرو يار محمد ڀيو رشوت جون گوريون کائي نشي جهڙي ننڊ ستل آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سبب هو اسان جي ٻئي نياڻي زاهدان ڪوري کي به موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن تون اسان خلاف بيان بازي ڪندي ته تنهنجو به اهو ئي حشر ڪنداسين جيڪو تنهنجي ڀيڻ سان ڪيو آهي، جڏھن ته اسان جي متاثر نياڻي جي مٿان به هو نه ٿا اچڻ ڏين، گذريل رات جڏهن اسان پنهنجي ڀيڻ سان اسپتال ملڻ وياسين ته هنن اسان کي ڌڪا ڏئي اسپتال کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هنن ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او سوڀوديرو کي هٽائي، فرض شناس آفيسر مقرر ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڇو ته جوابدار هينئر به اسان جي نياڻي مٿان قابض بڻيل آهن، اسان جي نياڻي کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو ذميوار ايس ايڇ او سوڀوديرو يار محمد ڀيو ۽ مٿي ڄاڻايل جوابدار ڀٽي برادري جا ماڻهو هوندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2025
•
تازہ ترین
”بانو کو بلوچ رسم و رواج کے تحت سزا دی گئی، سردار شیر باز بے گناہ ہے، رہا کیا جائے” مقتولہ کی والدہ کا بیان
23rd Jul 2025
•
تازہ ترین
خبردار! کسی کے جھانسے میں نہ آئیں، نیشنل سرٹ نے وارننگ جاری کر دی
23rd Jul 2025
•
سندھ
کراچی میں خاتون نے ایک ہی وقت میں 5 بچوں کو جنم دیا
23rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي به ٽنهي صوبن واريون سهولتون ڏيو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جرڳا ڪري معصوم نياڻين جا خون لوڙھيا وڃن ٿا: اياز لطيف پليجو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز ۾ ڳوٺ سھراب مري جي رهواسين جو 13هين ڏينهن به نواب مري خلاف احتجاج جاري
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ٿرڪول ڊيم نبي سر ٿر ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف ريلي ۽ ڌرڻو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي شڪارپور جي صدارت ۾ يوم آزادي جي حوالي سان گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سڳيون
ناري پيروزا ڪوري
0 تبصرے