ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ جشن انوار شعبان جي حوالي سان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، آمد مرحبا، امام حسين علیہ السلام جون صدائون بلند، مولا غازي عباس علمدار جن جي آمد مرحبا مولاحسين علیہ السلام ۽ مولا غازي عباس علمدار عليہ السلام جن جي ولادت باسعادت جي حوالي سان الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان ريلي ڪڍي وئي، مولا حسين عليہ السلام ۽ مولا غازي عباس علمدار عليہ السلام جن جي ولادت باسعادت جي حوالي سان الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان مولانا ڊاڪٽر غلام علي عاملي، مولوي عرفات علي عرفاني، شيعا علماءِ ڪائونسل تعلقي صدر زوار ارشاد علي ٻگهيو، زوار قاضي وحيد علي، زوار فدا حسين ابڙو، زوار قاضي زيب علي، زاهد حسين ڪلهوڙو، ذاڪر حسين پٺاڻ، الطاف حسين ڪولاچي، سليم رضا جتوئي، قاضي فريد، زوار امداد علي کوکر، فاروق احمد جوڻيجو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شهرين پاران ريلي جو شاندار استقبال ڪندي گلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته شعبان المعظم مومنن لاءِ خوشين جو مهينو آهي هن مهيني ۾ پهرين شعبان تي مولا علي عليہ السلام جي بهادر نياڻي بيبي زينب سلام ﷲ علهيا، ٽئين شعبان تي مولا حسين عليہ السلام، چار شعبان تي مولا غازي عباس علمدار عليہ السلام، پنج شعبان تي مولا زين العابدين عليہ السلام، ست شعبان تي مولا گهوٽ قاسم عليہ السلام، يارهين شعبان تي مولا علي اڪبر عليہ السلام، پنڌرهن شعبان تي مولا محمد مهدي عليہ السلام جن جي ولادت باسعادت جا ڏهاڙا آهن، مومنين آل محمد ﷺ جن جي ولادت باسعادت جا ڏهاڙا جوش جذبي ۽ عقيدت سان ملهائيندا آهن. هنن چيو ته هنن ڏهاڙي تي آل محمد ﷺ جن جي گهر ۾ مولا حسين عليہ السلام جن جي ولادت باسعادت ٿي. هنن چيو ته مولا حسين عليہ السلام سموري دنيا جي سموري قومن کي بيدار ڪري ڇڏيو آهي هر قوم جي زبان تي لبيڪ يا حسين عليہ السلام جا نعرا بلند ڪري رهيا آهن،
0 تبصرے