صوبائي وزير محمد بخش مهر ابراهيم حيدري واسي انس شيخ ۽ ٻين رانديگرن کي ڪيش انعام ڏئي سندن حوصلا افزائي ڪئي
ملير(عبدالرشيد مورجھريو)راندين ۽ نوجوانن جي کاتي طرفان قائداعظم انٽرنيشنل گيمنگ 2024 ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ رانديگرن کي ابراهيم حيدري سمنڊ ڪناري جنم وٺندڙ نوجوان انس ولد اختر شيخ سميت ٻين کي ايوارڊ سان گڏ ڪيش انعام ڏپڻ جي تقريب ٿي جنهن ۾ مهمان خاص صوبائي وزير محمد بخش خان مهر سيڪريٽري اسپورٽ سنڌ عبدل عليم لاشاري، امداد ابڙو، ڊاريڪٽر اسپورٽ سنڌ ۽ گيمنگ ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن ۽ ان جي والدين شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن ايوارڊ ۽ ڪيش پرائيز پڻ ڏنا ويا ان سلسلي ۾ نوجوان انس شيخ جڏهن ايوارڊ وٺي ابراهيم حيدري پهتو ته رانديگرن سماجي اڳواڻن ۽ والدين سندس شانائتو استقبال ڪيو کيس اجرڪون اوڍائي گلن جا ھاڙ پارائي مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ اختر شيخ جو چوڻ هو ته پٺتي پيل بنيادي انساني صحولتين کان وانجهيل غريب مهاڻن جي علائقي ابراهيم حيدري جي نوجوان منهنجي پٽ انس شيخ راند ۾ پوزيشن ماڻي نه رڳو منهنجو پر ابراهيم حيدري واسين جو به ڪنڌ فخر سان ڀلند ڪري ڇڏيو آهي
0 تبصرے