سنڌ جي ٻين شهرن جيان نوشھرو فيروز۾ به جماعت اسلامي جو بد امني خلاف ڌرڻو

حافظ نعيم ڪمبوه ايڊوڪيٽ شبير خانزاده ۔ ممتاز سھتو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو

سنڌ جي ٻين شهرن جيان نوشھرو فيروز۾ به جماعت اسلامي جو بد امني خلاف ڌرڻو

نوشھرو فيروز(ڊ ر) سموري سنڌ جيان نوشھرو فيروز۾ به وڌندڙ بد امني خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان جماعت اسلامي جو ڌرڻو، اميرجماعت نوشھرو فيروزحافظ نعيم ڪمبوه ايڊوڪيٽ شبير خانزاده ۔ ممتاز سھتو نائب امير صوبه سنڌھ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو۔نائب امير صوباسنڌه ممتاز سھتو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته نوڪريون نه ٿا ڏيو ۔مھنگائي نه ٿا گھٽايو ته گھٽ ۾ گھٽ امن امان قائم ڪيو توھان وٽ جڏھن ته لسٽون پاٿاريدارن ۽ چورن جون به آھن ته پوء اھي توھان کان ڏاڍا آھن جو انھن کي گرفتار نه ٿا ڪيو۔ ايڊوڪيٽ شبير خانزاده چيوت پويس ڏوھارين سان ٻٽ بنيل آھي ڏينھن ۾ ھر شھر مان ڏھ ڦرون ۽ چوريون ٿين ٿين پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ٿي ڪري ھٿ وٺي پوليس جا ڪارندا ڏوھ ڪرائين ٿا اسان جو مطالبو آھي ته فورن امن امان بحال ڪر ي غريب ماڻھن کي سک سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ۔ضلعي امير نعيم ڪمبوھ چيو ته ڌاڙيل ۽ فورن رياست اندر ريست قائم ڪري ڇڏي آھي ڏوھاري فور پوليس جا ساٿري آھن ڪي انڊيا مان نه ٿا اچن جو ڏوھ ڪري ڀڄي ٿا ٿاڻن تي پوليس جي حاضري ڀرائين ٿا سڀ پوليس کي خبر آھي پر ڀوتارن کي راضي رکڻ لاء سڀ ڪم جائز وارو فارمولو ھلي پيو جماعت اسلامي سنڌ ۾ وڌندڙ بد امني خلاف روڊن تي آھي خدارا ائين نه ٿئي ڀنگال وانگر ماڻھو تنگ ٿي بغاوت ڪن توھان ڀڄڻ جو رستو به نه ملي فورن امن بحال ڪري سنڌ جي ماڻھن مان بي چيني دور ڪئي وڃي ۔