عمرڪوٽ ۾ هيومن رائيٽس فورم آف پاڪستان طرفان شاندار پروگرام منعقد

تعليم کاتي ۾ 41 سال خدمتن تي استاد عبداللطيف ڪوري کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو

عمرڪوٽ ۾ هيومن رائيٽس فورم آف پاڪستان طرفان شاندار پروگرام منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ضلعي عمرڪوٽ ۾ هيومن رائيٽس فورم آف پاڪستان طرفان هڪ شاندار پروگرام جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي جي چئني تعلقن جي نمائندن شرڪت ڪئي. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ مختلف مقررن پنهنجي خطاب ۾ تنظيم جي مقصدن ۽ ڪردار تي روشني وڌي. تقريب جي پهرين مرحلي ۾ پرائمري استاد عبداللطيف ڪوري جي نان ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته تعليم کاتي عمرڪوٽ ۾ 41 سال جي نمايان خدمتن تي استاد عبداللطيف ڪوري کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. جنهن جي رٽائرمينٽ تي تنظيم جي عهديدارن پاران سندس مان ۾ فيئرويل پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو هن موقعي تي کيس گلن جي ورکا سان ڀليڪار ڪيو ويو ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، جيڪي سنڌي ثقافت جو اهم حصو آهن انهي موقعي تي مقررين خطاب ڪندي رٽائرڊ استاد عبداللطيف ڪوري جي لازوال خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي پروگرام جي ٻئي حصي ۾ خاص مهمان طور صوبائي جنرل سيڪريٽري ايڇ آر ايف پي دين محمد ابڙو, صوبائي پروگرام ڪوآرڊينيٽر اتم سنگراسي، ميرپورخاص ڊويزن جو نائب صدر محترم خليل احمد کوکر ۽ پ ٽ الف دادو جو ايڪٽو اڳواڻ محترم پرديپ ڪمار ۽ ٻيون معزز شخصيتون به شريڪ ھيون جڏهن ته تنظيم جي مضبوطيءَ لاءِ اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا پروگرام دوران تنظيم جي مضبوطي ۽ فعال ڪردار تي ويچار ڪيو ويو ۽ خاص طور تي ضلع هيڊڪوارٽر عمرڪوٽ ۾ تنظيم جي آفيس کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن سان ڪارڪنن جي گڏجاڻي لاءِ بيٺڪ ميسر ٿيندي. انهي موقعي تي مظلوم ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ بنيادي حق وٺرائڻ جي لاءِ عزم ڪيو ويو مقامي ۽ صوبائي سطح تي سرگرميون تيز ڪرڻ بابت ويچار ڪيو ويو پروگرام ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تنظيم جي مضبوطي لاءِ نوجوانن کي شامل ڪيو ويندو ۽ مقامي توڙي صوبائي سطح تي وڌيڪ موثر پاليسيون جوڙيون وينديون. هيومن رائيٽس فورم آف پاڪستان ماڻهن جي بنيادي حقن، تعليم، صحت، ۽ انصاف جي فراهميءَ لاءِ پنهنجو فعال ڪردار جاري رکندو. تقريب جي پڄاڻي هڪ عهد نامي سان ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلعي عمرڪوٽ جي ماڻهن لاءِ انصاف، مساوات، ۽ بنيادي حقن جي حفاظت لاءِ پنهنجا سڀ وسيلا وقف ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو هي پروگرام نه رڳو تنظيم جي سرگرمين ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو پر گڏوگڏ عوام ۾ اميد ۽ اعتماد پيدا ڪيو ته هيومن رائيٽس فورم آف پاڪستان انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ اڳتي به پنهنجي جدوجهد جاري رکندو. انهي پروقار تقریب ۾ ضلعي عمرڪوٽ جي صدر شاھ محمد خاصخيلي ، ج س ممتاز علي سمون ، علي اڪبر گجو صاحب ، مير محمد راڄڙ ، غلام مرتضي گشڪوري ، دلشاد ، آصف علي آرائين ، دودو راڄڙ ، محمد سومار مڱريو ، فقير مگھن مھر ، محسن آرائين ، عبدالمالڪ آصف پلي سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ ٿيا