نوشهروفيروز ۾ سياسي سماجي ڌرين جو وڌندڙ گندگي خلاف 11هين ڏينهن به احتجاج جاري

محمد يونس راڄپر، ايم ظفر تڳڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهراڻ پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

نوشهروفيروز ۾ سياسي سماجي ڌرين جو وڌندڙ گندگي خلاف 11هين ڏينهن به احتجاج جاري

نوشهرو فيروز (ڊر)نوشهرو فيروز ۾ گندگي خلاف 11 ڏينھن مهراڻ پارڪ کان پریس ڪلب تائين احتجاج ڪيو ويو، شھر جي مختلف علائقن پڊعيدن روڊ، اسٽيشن روڊ، مٺياڻي روڊ، مورو روڊ، شاھي بازار، ڪاليج روڊ سميت سڄي شهر ۾ گندو پاڻي بيٺل، مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جو احتجاج، احتجاج جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال، مولابخش مشوري، خادم حسين مري، سهيل منگي، مسرور چانڊيو، دين محمد تڳر، اقبال راڄپر، فقير ميهر علي بهڻ، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي جنهن سبب شهر جا معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري هنن چيو ته نوشهرو فيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، قبرستانن ، اسڪولن ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل رهي ٿو جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير هجڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي پر اها رقم ڪوڙن ووچر ذريعي هڙپ ڪئي وڃي ٿي صفائي ڪندڙ سوين ملازمن کي ويزا تي ڇڏيو ويو آھي هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ، ميونسپل آفيسر ۽ آڊٽ آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو