English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ شهيد ڀٽو پاران مختلف شهرن ۾ تيل اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف ريليون ۽ مظاهرا
12 views
|
09th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
نوابشاهه، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، ڪنڊيارو، خيرپور، قمبر، جيڪب آباد، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون
ڪراچي (رپورٽرز وٽان) پ پ شهيد ڀٽو پاران مختلف شهرن ۾ تيل اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف ريليون ڪڍيون ويون، پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) ضلعي نوشهروفيروز جي سڏ تي الله والا چوڪ تي پيٽرول، ڊيزل ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين پيٽرول۔ ڊيزل ۽ گيس جون وائڻ ۽ حڪومت خلاف زور دار نعرا هڻي رهيا هئا، ريلي جي اڳواڻي پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جو چيف آرگنائيزر ڪامريڊ رحيم بخش کوسو۔ ضلع صدر خالد کوسو خالد چانڊيو جاويد ٻوھيو راجا رئيس سولنگي بشارت کوسو۔ عطاء الله ملڪ۔ سيف الله ملڪ۔ سيد اختر حسين شاه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ڪري رھيا ھئا۔ ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندر چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ سبب عوام جون تڪليفون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن، جنهن ڪري روزمرهه جون شيون به عوام جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن. هنن چيو ته غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار آهن ۽ حڪومت فوري رليف فراهم ڪري. ٻي صورت ۾ ملڪي ليول تي احتجاج ڪيو ويندو۔.ڪنڊيارو ۾ پي پي شهيد ڀٽو پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف شهر جي استار تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ظفر کوسو, رمضان خاصخيلي, واجد عباسي, جاويد مهر, دريا خان کوسو,مرتضه کوسو ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، جنهن ڪري عام ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته وڌندڙ مهانگائي عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري طور تي پيٽروليم شين جا اگهه گهٽ ڪري عوام کي رليف فراهم ڪري ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻي، مظاهري جي پڄاڻي تي احتجاج ڪندڙن حڪومت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو نواب شاھ ۾ ملڪ اندر پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو پاران نواب شاھ پريس ڪلب اڳيان ضلع صدر اڪبر سوڍر ارشاد خاصخيلي غازي نجيب چانڊيو بابر علي مغيري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقع تي اڳواڻن چيو ته پ پي پي شھيد ڀٽو جي چيئر پرسن عنوا ڀٽو جي حڪم تي پوري سنڌ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آھي پيٽرول منھاگو ڪري غريب عوام تي بم ڪرايو ويو آھي پيٽرول منھاگو ھئڻ ڪري ھر نون قيمتون آسمان سان ڳالھ ڪري رھيون آھن انھن چيو ته پيٽرول منھاگو ڪرڻ ھڪ سازش آھي ٻين ملڪن ۾ پيٽرول سستو آھي عالمي مارڪيٽ ۾ به پيٽرول سستو آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته پاڪستان جي حڪومت ھت سان پيٽرول منھاگو ڪري عوام کي ٻٽي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو آهي ماڻھن وٽ ٻن وقت جي ماني کائڻ لاء پيسا ناھن ته ايتري منھاگائي ڪئين برداشت ڪري سگھندا انھن مطالبو ڪيو ته تيل جي قيمتن کي گھٽ ڪري عوام سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي مرڪزي سڏ تي خيرپور جي ڪارڪن طرفان مهانگائي خلاف مريم توپ چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ عطاالله ڀٽو، صفت هاليپوٽو، حسين بخش گوپانگ، حبدار خاصخيلي، وحيد علي گوپانگ، امجد علي گوپانگ، غلام مصفطي ٻٻر، شهزاد علي پهوڙ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ڪارڪن احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هٿرادو پيئٽرول جي اگهن کاڌي پيتي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ ڏکيو بڻايو ويو آهي هنن چيو ته شديد مهانگائي سبب عوام هڪ ويلو ماني کائڻ کان قاصر بڻيل آهي حڪمران صرف پنهنجي مفادن خاطر عوام کي برباد ڪرڻ جون پاليسيون جوڙي رهيا آهن جنهن جي سخت مخالفت ڪيون ٿا هنن چيو ته ملڪ ۾ جنگ جي صورتحال جو هٿرادو جواز ڄاڻائي مهانگائي جي آڙ ۾ عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آهي هنن وقت جي حڪمرانن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پيئٽرول جي اگهن ۾ ڪيل واڌ وارو فيصلو واپس وٺي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جيڪب آباد پ پ شهيد ڀٽو پاران تيل اگهن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف ڳچيءَ ۾ ماني ٻڌي احتجاج ڪيو ويو، پ پ شهيد ڀٽو هائوس کان احتجاجي ريلي نديم قريشي نور محمد منجهو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن ڳچيءَ ۾ ماني ٻڌي تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ مھانگائي خلاف نعريبازي ڪئي ڪوٽڙيءَ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران تيل جي قيمتن ۾ واڌ، مهانگائي ۽ ڄامشوري ضلعي ۾ منشيات جي سرعام وڪري خلاف احتجاج ڪيو ويو پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ڪوٽڙي سائيٽ جي بهار بازار چونڪ کان پارٽي اڳواڻن مجيد سيال، ديدار ٻگهيو، فاروق نوحاڻي ۽ نذير ڪابورو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪن تيل جي اگهن ۾ واڌ، مهانگائي ۽ منشيات جي وڪري خلاف زوردار نعريبازي ڪندا رهيا، لاڙڪاڻي ۾پ پ شهيد ڀٽو ضلعي طرفان ملڪ ۾ هٿرادو مهانگائي ۽ بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن عبدالستار جاگيراڻي، محمد سليم چنه، لياقت علي عمراڻي، فدا حسين جاگيراڻي، سيد رستم علي شاهه ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، قبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن پيٽرول جي اگھ ۾ هٿرادو واڌ ۽ مهانگائي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو طفيل سانگاھ،شوڪت چانڊيو،عرفان گوپانگ ۽ ٻين جو چوڻ هيو تہ عوام دشمن حڪمرانن طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ بعد روز مره جي استعمال وارين شين گيھ ،اٽو،دال، سبزي سميت مختلف شين جا اگھ پڻ وڌي ويا آهن جنهن ڪري غريب طبقي جي ماڻهن جو جياپو مشڪل بڻيل آهي، حڪمران پاڻ عياشي واري زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن تہ عوام 2 ويلا ماني کائڻ لاء پريشان آهي هنن مطالبو ڪيو تہ پيٽروليم شين جا اگھ گهٽائي مهانگائي تي ضابطو آڻي، غريب عوام کي بہ جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
09th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
باقراڻي جي ڪچي ۾ ماءُ ڌيءَ قتل، سندن لاش سنڌو درياءَ ۾ اڇلايا ويا
09th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام ۾ 10 لک مائرن جي داخلا ۽ 47 لک هيلٿ چڪاسون مڪمل
09th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ شهيد ڀٽو پاران مختلف شهرن ۾ تيل اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف ريليون ۽ مظاهرا
09th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: سومار جوکيو ڳوٺ جا رهواسي لينڊ مافيا خلاف عدالت پهچي ويا, ڌرين کي نوٽيس جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پ پ شهيد ڀٽو پاران مختلف شهرن ۾
0 تبصرے