ڪراچي جي ڪوهستان موئيدان جي 12 ديهن ۾ استادن جي کوٽ سبب 25 اسڪول بند

اسڪول بند هجڻ ڪري سوين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي ويا، اختياريون ننڊ سُتل

ڪراچي جي ڪوهستان موئيدان جي 12 ديهن ۾ استادن جي کوٽ سبب 25 اسڪول بند

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ملير جي ڪوهستاني علائقي موئيدان جي 12 ديهن ۾ قائم 25 سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي شديد کوٽ سبب اسڪولن کي تالا لڳي ويا آهن، جنهن ڪري سوين ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا آهن۔ تعليم کاتي جي غلط پاليسين سبب شهري علائقن کان پري موجود اسڪول مڪمل طور تي بند ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اولڊ ٿاڻو، ڪاٺوڙ ۽ گڏاپ جي مختلف علائقن ۾ به استادن جي کوٽ سبب ڪيترائي اسڪول ويران بڻجي ويا آهن ۽ انهن جون عمارتون پڻ زبون حالي جو شڪار آهن۔مقامي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين موجب ڏورانهن علائقن ۾ تعليم کاتي جي لاپرواهي سبب تعليم جو نظام تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جو سڌو اثر ڳوٺاڻن جي ٻارن جي مستقبل تي پئجي رهيو آهي۔ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ نه رڳو استاد موجود ناهن پر بنيادي سهولتن جي به کوٽ آهي، جنهن سبب والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ کان محروم ٿي رهيا آهن ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جدوجهد جو اعلان ڪندي گڏاپ جي مقامي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن، جيڪي 40 کان گهٽ مارڪون حاصل ڪندڙ آهن، انهن کي استاد طور مقرر ڪرڻ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو جيئن مقامي سطح تي استادن جي کوٽ کي ختم ڪري سگهجي۔ڳوٺاڻن موجب موجب تعليم کاتي جي اها لاپرواهي صدين کان رهندڙ ماڻهن کان تعليم جو بنيادي حق کسڻ جي برابر آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جهڙو ناهي۔ ان حوالي سان ملير بار ايسوسيئيشن، ڪراچي بار ايسوسيئيشن، سنڌ بار ڪائونسل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کان قانوني مدد وٺڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب مسئلي جي حل لاءِ تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري سان ملاقات ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو ۽ بند پيل اسڪولن کي جلد کولڻ لاءِ مطالبا پيش ڪيا ويندا۔ علائقي واسين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي استادن جي مقرري ڪري بند اسڪول کوليا وڃن