English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي عبدالستار ايڌي هاڪي اسٽيڊيم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قومي راند جون رونقون بحال
153 views
|
09th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
هاڪي اسٽيڊيم ۾ تعميراتي ڪم مڪمل ٿيڻ شرط 68هين ڊي ايڇ اي ڪراچي قومي هاڪي چيمپيئن شپ 2024ع منعقد
ڪراچي(اسپورٽس نيوز)عبدالستار ايڌي هاڪي اسٽيڊيم ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رانديگرن ۽ عوام لاءِ هڪ سنگ ميل مڪمل ڪري قومي راند جي رونق بحال ڪري ڇڏي آهي. ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪستان هاڪي فيڊريشن ۽ پاڪستان آرمي جي ڪوششن سان ڪراچي جي هاڪي گرائونڊ کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ۽ بين الاقوامي هاڪي ٽورنامينٽ لاءِ تيار ڪيو ويو، جنهن تي ڪافي عرصي کان فني ۽ معياري ڪم جو انتظار هو. پي ايڇ ايف ۽ پاڪ فوج جي سهڪار سان هاڪي اسٽيڊيم ۾ هاڪي شوقينن کي خوبصورت منظر پيش ڪرڻ لڳو ۽ عوام جو وڏو انگ هاڪي اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ڏسڻ لاءِ پهتو. جيئن ئي هاڪي اسٽيڊيم ۾ تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو تھ 68هين ڊي ايڇ اي ڪراچي قومي هاڪي چيمپيئن شپ 2024ع منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ 14 ٽيمن حصو ورتو، قومي چيمپيئن شپ جو فائنل ڏسڻ لاءِ ڪراچي جي عوام پر جوش رھي ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندي نظر آئي، 14 مان سيمي فائنل تائين چار ٽيمون پھتيون، جن ۾ پاڪستان ڪسٽمز جي ٽيم جو مقابلو نيشنل بينڪ جي ٽيم سان ۽ ماڙي پيٽروليم جو مقابلو ايئرفورس جي ٽيم سان ٿيو، فائنل ميچ ۾ پاڪستان ڪسٽمز ۽ ماڙي پيٽروليم جون ٽيمون پھتيون جن جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، جڏھن تھ پاڪستان ڪسٽمز جي ٽيم ماڙي پيٽروليم جي ٽيم کي 9 گولز جي مقابلي ۾ 10 گولز تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪئي ۽ چيمپيئنز قرار ڏني وئي، 68 ھين نيشنل سينيئر ھاڪي چيمپيئن شپ ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽينٽ جنرل بابر افتخار بطور مھمان خصوصي شرڪت ڪئي ۽ حصو وٺندڙ ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ انعام ورھايا، ڪور ڪمانڊر رانديگرن جي حوصلي کي ساراھيندي چيو تھ ھاڪي اسان جي قومي راند آھي ۽ قوم جو ھر فرد ۽ اسٽيڪ ھولڊرز ان جي واڌاري لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھندو، پاڪستان ھاڪي فيڊريشن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري سان گڏوگڏ رانديگرن بھ پاڪ فوج جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو تھ پاڪ فوج جي ڪاوشن سان نھ صرف قومي راندين کي ھٿي ملي آھي پر رانديگرن جا جذبا بھ وڌيا آھن، ھنن جو چوڻ ھو تھ پاڪ فوج ۽ اسان جو ساٿ جاري رھندو ۽ اسان پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ ۾ گڏ ھونداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Apr 2026
•
دنیا
امریکہ کے ساتھ جنگ بندی کے باوجود جنگ ختم نہیں ہوئی، دشمن کے اہداف کی فہرستیں اپڈیٹ کر رہے ہیں: ایرانی فوج
29th Apr 2026
•
دنیا
آیت اللہ خامنہ ای نے شہادت کو رحمت سمجھتے ہوئے خوشی سے قبول کیا
29th Apr 2026
•
سندھ
لاہور سے موازنہ درست نہیں، کراچی کو اپنے پاؤں پر کھڑا ہونے کے لیے بڑے وسائل درکار ہیں: مرتضیٰ وہاب
29th Apr 2026
•
تازہ ترین
انٹرپول نے ملک ریاض اور ان کے بیٹے کے ریڈ وارنٹ جاری کر دیے، دونوں جلد گرفتار ہوں گے: نیب
30th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
رستم ۽ ڀرپاسي اُرڙي جا هاڃا جاري، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت
30th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
کورواهه ڀرسان ڳوٺ عارو جت واسڻ نوجوان ناري مبينا زيادتي بعد ڳورهاري ٿي وئي
30th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌڙي: ھڱورنو جي ڳوٺ حاجي خير محمد مري ۾ ناري مڙس هٿان قتل
30th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ اڻڄاتل شخص جو گولي لڳل لاش هٿ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
هاڪي اسٽيڊيم
عبدالستار ايڌي
0 تبصرے