يونيڊو پائيدار پروجيڪٽ سمال انٽرپنيوئر گرانٽ جو ٽيون مرحلو شروع

يونيڊو جي پائيدار پروجيڪٽ جو ٽيون فيز شروع ٿي چڪو آهي: جاويد حسين جوکيو

يونيڊو پائيدار پروجيڪٽ سمال انٽرپنيوئر گرانٽ جو ٽيون مرحلو شروع

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)يونيڊو پائيدار PAIDAR پروجيڪٽ SME'S سمال انٽرپنيوئر گرانٽ جو ٽيون مرحلو شروع. خبر مطابق يونيڊو جي سي ڊي اي (ڪلسٽر ڊيولپمينٽ ايسوسيئيٽ) جاويد حسين جوکيو عوامي پريس ڪلب تي اچي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون ۽ ٻين صحافين اڳيان تفصيل ٻڌائيندي چيو آھي تہ يونيڊو جي پائيدار پروجيڪٽ جو ٽيون فيز شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾ لاڳو ٿيندو. ھن پروجيڪٽ تحت 11 هزار يورو کان 2 لک يورو تائين جي گرانٽ ڏني ويندي ۽ ھيء ميچنگ گرانٽ ھوندي. گرانٽ حاصل ڪرڻ لاءِ يونيڊو جي آفيشل ويب سائيٽ تي آن لائين اپلائي ڪرڻو پوندو.ھن وڌيڪ چيو تہ ھي گرانٽ انٽرپنيوئر ۽ ڪمپنين توڙي انفرادي طور سيڙپ ڪارن ۽ بزنس مينن لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي ته هو پنهنجا ڪاروباري پروجيڪٽ قائم ڪري وڌيڪ مالي فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏ ماڻھن لا روزگار جا وسيلا پيدا ڪري سگهن ٿا. فارم ڀرڻ لاءِ يونيڊو جي آفيشل ويب سائيٽ تي وڃي درخواست جمع ڪري سگھجي ٿي، ٺٽي ضلعي لاءِ مقرر ڪلسٽر ڊولپمينٽ ايسوسيئيٽ جاويد حسين جوکيو پنهنجي وضاحتي بيان ۾ وڌيڪ ھي بہ چيو آهي ته "هي پروجيڪٽ نون ۽ موجوده انٽرپرينيئرز لاءِ هڪ نادر موقعو آهي ته هو پنهنجا خيال حقيقت ۾ تبديل ڪن. دلچسپي رکندڙ جلد کان جلد درخواستون جمع ڪرائين.ھن چيو تہ پروپوزل جمع ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 جنوري 2025 تائين مقرر ڪئي ويئي آھي.