ملير جي اسڪولن ۾ صحتمند سرگرميون نه هئڻ برابر آهن: ايم اين اي حڪيم بلوچ

قائداعظم پبلڪ اسڪول ۾ راندين جو هفتو پُڄاڻي تي پهتو

ملير جي اسڪولن ۾ صحتمند سرگرميون نه هئڻ برابر آهن: ايم اين اي حڪيم بلوچ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائد اعظم پبلڪ اسڪول ۾ راندين جي هفتي جي پُڄاڻي، ريڊ گروپ 206 پوائنٽ کڻي پهريون نمبر حاصل ڪري ورتو، ٻارڙن جو جشن، ملير جي اسڪولن ۾ صحتمند سرگرميون نه هئڻ برابر آهن، شاگردن تعليم جي ميدان سان گڏوگڏ راندين ۾ به پاڻ ملهايو آهي، ايم اين اي حڪيم بلوچ جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : سنڌ مدرسه بورڊ جي قائد اعظم پبلڪ اسڪول ۾ پرنسپل ڊاڪٽر الطاف شاھ طرفان راندين جو هفتو ملهايو ويو جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن تي ٻڌل 4 گروپ ٺاهيا ويا جن ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ريڊ گروپ 206 پوائنٽس کڻي پهرين نمبر ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته بِلو گروپ 190 پوائنٽس کڻي ٻي نمبر، يَلو گروپ 169 پوائنٽس کڻي ٽين نمبر ۽ گرين گروپ 157 پوائنٽس کڻي چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي ان موقعي تي تقريب جي خاص مهمان ايم اين اي حڪيم بلوچ، ميڊم شائسته آفندي ۽ ٻين چيو ته ملير جي اسڪولن ۾ صحتمند سرگرميون نه هئڻ برابر آهن شاگردن تعليم جي ميدان سان گڏوگڏ راندين ۾ به پاڻ ملهايو آهي.