سنڌ ڌرتي جيڪا، انساني عظمت ۽ محبت جو پيغام ڏئي ٿي، اڄ قبيلائي جهيڙن جي رت سان رڱيل آهي. پيرڳوٺ ويجهو سولنگي ۽ ناريجا برادرين جي تازو ٿيل جهيڙي ۾ انساني زندگين جي بيدردي سان زيان، قانون جي بيوسي ۽ بدبودار روايتن جي جهنجهٽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال اٿاريو آهي ته آخر قبيلائي انا جي هي جهنگلي روايت ڪيستائين انسانيت کي ڳڙڪائيندي رهندي؟ ڪجهه ڏينهن اڳ سائين ڏنو ناريجو جي مبينا پوليس مقابلي ۾ موت ۽ ان بعد ٿيندڙ ردعمل هڪ ڀيانڪ الميي کي جنم ڏنو، جتي ٻن ڌرين جي ڇڪتاڻ بيگناهه انساني زندگين کي ڳڙڪائي وئي. 5 انساني زندگيون رت ۾ ٻڏي ويو ۽ علائقي ۾ خوف جو ماحول ڇانيل آهي.
رت ۾ ٻڏل روايتون:
قبيلائي جهيڙا هڪ اهڙي بدبودار رسم بڻجي ويا آهن، جتي "پلاند" ۽ "انا" انساني جانين کان وڌيڪ اهم بڻجي چڪا آهن. پلاند جي بيمار سوچ، جتي هڪ قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ وڌيڪ انساني زندگيون قربان ڪيون وڃن ٿيون، سماج لاءِ ناسور بڻجي چڪي آهي. هن واقعي ۾ ٽن ناريجا پورهيتن کي رڳو سندن ذات جي بنياد تي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو، جيڪي جهيڙي سان ڪنهن به صورت ۾ لاڳاپيل نه هئا. اهڙي عمل مان واضع ٿئي ٿو ته قبيلائي انا ۽ بي بنياد عزتون، انساني عظمت کان مٿانهين ٿي چڪي آهي.
قانون جي غير موجودگي:
هن سڄي واقعي ۾ سڀ کان وڏو ڏوهه قانون جي عملداري جي کوٽ آهي. پوليس نه صرف واقعي کان اڳ جهيڙو روڪڻ ۾ ناڪام رهي پر واقعي کانپوءِ به صحيح قدم کڻڻ ۾ بي وس نظر آئي. علائقائي سطح تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي خاموشي هن الميي کي وڌيڪ شدت سان اجاگر ڪري ٿي، جڏهن ته عدالتن جو غير اثرائتو ڪردار عوام جي قانوني نظام تان اعتماد ختم ڪري رهيو آهي. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ انصاف مهيا نه ٿيڻ جي ڪري جهيڙا وڌندا پيا وڃن، جيڪي انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ اونهائي ۾ تبديل ٿي رهيا آهن.
انساني عظمت جو جنازو!
قبيلائي جهيڙا صرف ذاتي تڪرارن جا نتيجا نه آهن پر انساني عظمت ۽ بنيادي حقن جي لتاڙ آهن. بيگناهه مارجي ويل پورهيت، جيڪي روزگار لاءِ کير وڪرو ڪري رهيا هئا، سماج جي بي حسي ۽ قانوني ناڪاميءَ جو ثبوت آهن. هن واقعو اهو سوال اٿاري ٿو ته ڇا اسان جو سماج انساني حياتين جي قدر ڪرڻ کان مڪمل طور تي هٿ کڻي چڪو آهي؟ بيگناهه پورهيتن جي موت انساني همدردي ۽ انساني حقن جي بنيادن کي هلايو آهي، پر هن واقعي تي قانوني ادارن جي خاموشي سماجي ڀڃ ڊاهه جو واضح ثبوت آهي.
حل جا امڪان_تبديلي جو وقت:
هن ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ هيٺيان قدم کڻڻ ضروري آهن. پهريون ته قانون جي سختيءَ سان نفاذ ڪيو وڃي، جتي قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ غير قانوني هٿيارن کي ضبط ڪيو وڃي. ٻيو ته تعليمي ادارن ۾ امن، محبت، ۽ انساني عظمت بابت شعور پيدا ڪيو وڃي، ته جيئن ايندڙ نسلون ان تباهي کان محفوظ رهن. قبيلائي اڳواڻن کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ دشمنين کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. سماجي تنظيمون ۽ مذهبي اڳواڻن کي به عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
حاصل مقصد _ امن جي واٽ:
پيرڳوٺ جو هي واقعو هڪ الارم آهي، جيڪو اسان جي سماجي ۽ قانوني نظام جي ناڪامي کي اجاگر ڪري ٿو، جيڪڏهن اڄ اسان ان ناسور خلاف متحد نه ٿيا ته ايندڙ نسلون قبيلائي جهيڙن جي ڌوڙ ۾ پنهنجي وجود کي ڳولينديون. قانون، شعور، ۽ انسانيت جو آواز ئي ان رت ۾ ٻڏل رسم جي خاتمي لاءِ اميد جي آخري ڪرڻا آهي. اسان کي اڄ ئي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان ڪهڙي دنيا پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ڇڏڻ چاهيون ٿا.
0 تبصرے