بينظير ڀٽو جي شهادت هڪ قومي سانحو

اعجاز ممنائي

بينظير ڀٽو جي شهادت هڪ قومي سانحو

 27 ڊسمبر تاريخ جو سياهه ترين ڏينهن آهي جڏهن ملڪ جي تاريخ جي پهرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو سياسي خدمتون ارپيندي لياقت باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ بعد شهادت جو جام پيتو، جلسي کان اڳ ۾ هن  افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي سان اسلام آباد ۾ ملاقات رٿيل هئي. عين ان وقت محترمه بينظير ڀٽو کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي جاسوسي کاتي انٽر سروسز انٽيليجنس (ISI) جو سربراهه ليفٽينينٽ جنرل نديم تاج هن سان فوري ملڻ چاهي ٿو ڇاڪاڻ جو هن ڪنهن اهم مسئلي تي ڳالهائڻو آهي. محترمه بينظير ڀٽو ۽ جنرل نديم تاج وچ ۾ اهم ملاقات ٿي.

ملاقات ۾ محترمه سان گڏ رحمان ملڪ موجود هو. جنرل نديم تاج هن کي ٻڌايو ته اداري کي اطلاع آهي ته توهان تي جلسي ۾ حملو ٿيندو، انهيءَ لاءِ حملي آور راولپندي پهچي چڪا آهن، اوهان مهرباني ڪري  جلسي ۾ نه وڃو، جو اوهانجي زندگي کي خطرو آهي. انهي تي محترمه ڪو جواب ڏئي گڏجاڻي ۾ موجود رحمان ملڪ چيو ته “بينظير عوامي رهنما آهي ۽ هو گهر جي چوديواري ۾ نٿي ويهي سگهي. جڏهن ته جلسو اسان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، ان ڪري محترمه ضرور ويندي.

جنرل نديم اهو ٻڌي خاموشي سان اٿي هليو ويو”. (شڪيل انجم)حامد مير پنهنجي ڪتاب ڀٽو جو قتل (The Bhutto Murder) ۾ ان ملاقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته محترمه جنرل نديم تاج کي چيو ته جيڪڏهن اوهانکي ايڏو پڪو پختو اطلاع آهي ته پوءِ اوهان مهرباني ڪري حڪومت کي منهنجي تحفظ لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ جو چئو. انهيءَ گڏجاڻي متعلق اوون بينٽ جون پنهنجي ڪتاب ڀٽو گهراڻو (Bhutto Dynast) ۾ لکيو آهي ته محترمه جنرل نديم تاج کي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي خودڪش بمبار جو پڪو اطلاع آهي ته پوءِ گرفتار ڇو نٿا ڪريو. انهي تي جنرل وراڻيو ته اهو ناممڪن آهي ڇاڪاڻ جو ان سان اتي موجود اسانجو رابطيڪار ظاهر ٿي پوندو.

ان تي محترمه چيو ته منهنجو ۽ منهنجي ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ سرڪار جو ذمو آهي. جنهن تي جنرل وراڻيو ته هو حڪومت سان ڳالهائيندو. ان وقت جنرل پرويز مشرف ملڪ جو صدر هو پر پوء به سيڪيورٽي ادارا بيوس بڻيل هئا ان وقت هڪ طرف محترمه بينظير ڀٽو چونڊ مهم ۾ رڌل هئي ته ٻئي طرف طالبان ان کي مارڻ لاءِ منصوبابندي ڪرڻ ۾ رڌل هئا. صدر پرويز مشرف محترمه جي 18 آڪٽوبر واقعي کان پوءِ وڌندڙ مقبوليت جي ڪري سخت پريشان هو.ان وقت ڪراچيء ۾ محترمه جي قافلي تي حملو ڪيو ويو پر پاڻ بي خوف ٿي اڳتي وڌندي رهي۔

پاڻ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه جو دورو ڪرڻ بعد 26 ڊسمبر تي اسلام آباد موٽي آئي. 27 ڊسمبر تي لياقت باغ جلسي ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ محترمه، اسلام آباد آيل افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي سان ملڻ وئي. محترمه جلسي ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد مان 15-2 بجي رواني ٿي ۽ 15-3 بجي جلسي گاهه ۾ پهچي وئي. جلسي ۾ هن تقرير ڪندي انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جي خلاف ڳالهائيندي چيو ته هو انتهاپسندن کي نه ڇڏيندي، ملڪ کي دهشتگردن کان آزاد ڪرائڻ ۾ اوهان مونسان گڏ آهيو. اسان پاڪستان لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته بنياد پرستن ملڪ ۾ ٺڪاڻا ٺاهيا آهن ۽ دنيا چوي ٿي ته جيڪڏهن اوهان انهن بنياد پرستن تي قابو نٿا پائي سگهو ته پوءِ اسان اچي انهن  تي قابو پائينداسين. آئون چوان ٿي ته ٻاهرين دنيا جا ملڪ ڇو اچن.

اسين پاڻ انهن بنياد پرستن لاءِ ڪافي آهيون. پيپلز پارٽي جي تاريخ قربانين سان ڀري پئي آهي. منهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڀائرن شاهنواز ۽ مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. پر اسان حق ۽ سچ جو رستو ڪڏهن به نه ڇڏينداسين. سياسي يتيمن هنگامي حالتن جو اعلان ڪري چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ناڪام ٿيا. هن تحريڪ طالبان جن سوات ۾ شريعت جي نفاذ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ پاڪستاني جهنڊي جي جاءِ تي سندن جهنڊو استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي اهو ڪرڻ نه ڏينداسين.جلسو شام 10-05 بجي ختم ٿيو ۽ محترمه ڪامياب جلسي تي ڏاڍي خوش ٿي واپسي جو سفر شروع ڪيو ته اوچتو ماڻهن جو ميڙ نعرا هڻندو سندس گاڏي ڏانهن وڌڻ لڳو. محترمه گاڏي جي ڇت واري دري کولي ٻاهر نڪري بيهي، ماڻهن کي هٿ لوڏي نعرن جا جواب ڏيڻ لڳي ته مٿس چئني طرفن کان گولين جي گونجار ٿي وئي ۽ مٿس حملو ڪيو ويو۔

هوء زخمي ٿي گاڏي ۾ هيٺ ڪري پئي. ان وقت هڪ خودڪش بم ڌماڪو پڻ ڪيو ويو. کيس فوري طور قريبي اسپتال پهچايو ويو پر هوء زخمن جا سور نه سهي خالق حقيقي سان وڃي ملي ان حادثي ۾ 24 ڄڻا ماريا ويا ۽ 90 ڄڻا زخمي ٿيا. اها خبر باهه وانگرپوري دنيا ۾ پکڙجي ويئي ۽ ماڻهو سوڳ ۾ وٺجي ويا ۽ ملڪ ۾ هنگاما شروع ٿي ويا۔هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ 170 بينڪن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ 15 بينڪن کي نقصان پهتو. 154 سرڪاري آفيسون مڪمل طور سڙي ويون ۽ 15 ٻين آفيس کي نقصان پهتو.جڏهن ته 34 پيٽرول پمپن کي باهه ۽ هڪ کي ڪجهه نقصان ڏنو ويو. 348 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويون ۽ 23 گاڏين کي نقصان پهچايو ويو. ريل جي 71 گاڏن کي باهيون ڏنيون ويون

۽ 18 ريلوي اسٽيشن کي نقصان پهچايو ويو ۽ 758 دڪانن کي باهه ڏني وئي ۽ 58 دڪانن کي ڪجهه نقصان پهتو. پنجاب ۾ ڪو ايڏو وڏو احتجاج نه ٿيو، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ڪوبه رد عمل  نه ڏيکاريو. قوم سڄو قصور پنجاب حڪومت ۽ جنرل پرويز مشرف مٿان لاڳو ڪيو جن جي لاپرواهيء سبب عظيم اڳواڻ شهيد ٿي ويئي پر وقت سان گڏ جڏهن سندس پارٽيء طرفان ڪو ردعمل سامهون نه آيو ۽ نه ئي ڪو ڪيس داخل ٿيو پر عوام ان جا پيرا پنهنجن ۾ ڳولهڻ لڳو ڇوته بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيء ۾ جن قاتلن جا نالا ظاهر ڪيا هئا

انهن سان پيپلز پارٽي اڳواڻن جي ويجهڙائپ ٿيڻ لڳي ۽ الڪشن بعد پيپلز پارٽيء کي اقتدار ڏيئي سندس ور آصف علي زرداري کي ملڪ جو صدر بڻايو ويو ۽ عوام جو شڪ پڪ ۾ تبديل ٿي ويو۔ محترمه کي اهو احساس هو ته هن کي ملڪ واپس اچڻ کان پوءِ ماريو ويندو. اهڙو اظهار پاڻ سندس ڪتاب يورب ڄائي (Daughter of East) ۾ هن طرح ڪيو آهي. “آئون جيئن ته 2007ع ۾ هڪ غيريقيني مستقبل جي حالت ۾ وطن ورڻ جي تياري ڪري رهي آهيان، اتي آئون انهن ڳالهين کي چڱي طرح سان سمجهان ٿي، جيڪي نه صرف منهنجي لاءِ پر منهنجي ملڪ ۽ دنيا لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون. مونکي احساس آهي ته مونکي گرفتار ڪري سگهن ٿا. مونکي احساس آهي ته 1983 ۾ منيلا جي بنگواڪينو (Benigno Aquino) جي قتل جيان ٿي ڪوئي مونکي هوائي اڏي تي بندوق هڻي ماري سگهي ٿو. ان هوندي به آئون ويندس ۽ مونکي وڃڻو پوندو ته جيئن آئون جمهوريت جي بحالي لاءِ پاڪستان جي عوام سان گڏ هجان. 

سندس شهادت کي جيڪڏهن قومي سانحو چئجي ته غلط نه ٿيندو ڇوته محترمه جي وڇوڙي کانپوء پاڪستان جهڙوڪر يتيم ٻار وانگر بڻجي ويو آهي ۽ هرڪو پاڪستان لاء ڪي چڱا لفظ استعمال نه ٿو ڪري پاڪستان جا پاڙيسري ملڪ خوش نه ٿا ڏسجن ۽ نه معيشيت بهتر نموني پئي هلي۔ چين پنهنجا پراجيڪٽ ختم ڪندو پيو وڃي، ايران جهڙو مخلص ملڪ پاڪستان سان تعلقات کي هينئر  پهريان واري اهميت نه ٿو ڏئي۔ افغانستان پاڙيسري هوندو پاڪستان کي پنهنجو دشمن ٿو سمجهي۔ مطلب ته پوري دنيا ڄڻ ته اسان کان پاسيرو پئي ٿئي۔جيڪڏهن بينظير ڀٽو هجي هان ته اها نفرت واري نگاهه محبت ۾ تبديل ٿي وڃي هان۔